Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf
جي نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ماھ رجب شريف ۾ هي دعا پڙهندا هئا:
اَللّٰہُمَّ بَارِکْ لَنَا فِی رَجَبٍ وَّ شَعْبَانَ وَبَلِّغْنَا رَمَضَان
ترجمو: اي الله پاڪ! اسان لاءِ رجب ۽ شعبان ۾ برڪت عطا فرماءِ، ۽ اسان کي رمضان المبارڪ تائين پهچاءِ۔[1]
اچو! اسان به هي دُعا پڙهي وٺون ٿا:
اَللّٰہُمَّ بَارِکْ لَنَا فِی رَجَبٍ وَّ شَعْبَانَ وَبَلِّغْنَا رَمَضَان
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
* هر هفتي اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مدني چينل تي لائيو هفيوار مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، ايندڙ ڇنڇر تي به رات جي وقت مدني چينل تي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هفتيوار مذاڪرو ٿيندو، جنهن ۾ شيخ طريقت، اميرِ اهلسنت مولانا الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سوالن جا جوابَ به عنايت فرمائيندا. تمام ذميدار ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ شرڪت فرمائن ۽ ٻين کي به هن جي دعوت ڏين * شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ارشاد فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ نورُ العرفان جا مدني گُلَ (قِسط: 2) جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ سوشل ميڊيا مثال طور واٽس ايپ وغيره تي رضاءِ الٰهي ۽ ثواب جي لاءِ ٻين کي به شيئر (Share) ڪيو! * الله پاڪ نبي پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڪيئي معجزا عطا فرمايا جن مان هڪ نهايت ئي مُنفرد، ممتاز ۽ مشهور معجزو معراج آهي. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رات جي ٿوري حصي ۾ ستن آسمانن، عرش ڪرسي کان به مٿي تشريف وٺي ويا ۽ ڪائنات