Ameer Muawiya ke Aala Ausaf

Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf

وڪيل آهي ته پنهنجي دفتر ۾ آهي * ٿاڻيدار آهي ته ٿاڻي ۾ آهي، مطلب ته: اسان جو ڪوبه رتبو آهي، ڪوبه عهدو آهي، جڏهن گهر پهچون، ٻارن سان ملون ته اسان کي گهرجي ته موقعي جي مناسبت سان مَٽجي وڃون، پنهنجا عهدا، پنهنجا منصب وغيره سڀ ڪجھ هڪ پاسي رکي ڪري ٻارن سان رَلجي وڃون. اهي والدين جيڪي ٻارن کان هڪ الڳ قِسم جي دنيا ۾ مگن رهندا آهن، اهي اولاد جا حقوق درست طريقي سان ادا ناهن ڪري سگهندا. ان ڪري اسان کي گهرجي ته موقعي جي مناسبت سان مَٽجي وڃون، * دوستن سان دوست بڻجون  * پنهنجي والدين جي سامهون فرمانبردار پٽُ بڻجي وڃون * ٻارن جي امڙ سان حسنِ اخلاق وارو شريفُ النفس مڙس بڻجي وڃون * ۽ ٻارن سان ٻار بڻجي وڃون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! زندگي پرسڪون محسوس ڪنداسين.

ٻارن جي دلداري جي اهميت

مسلمانن جي پياري امڙ حضرت عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا فرمائن ٿيون ته حسنِ اخلاق جي پيڪر، محبوبِ ربِّ اڪبر صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   جن ارشاد فرمايو: بيشڪ جنّت ۾ هڪ گهر آهي جنهن کي دارُالفَرح چيو ويندو آهي، ان ۾ اهي ئي ماڻهو داخل ٿيندا جيڪي ٻارن کي خوش ڪندا آهن.[1]

اعليٰ حضرت امامِ اهلسنت امام احمد رضا خان رحمةُ اللهِ عَلَيْه پيءُ تي اولاد جا حقَ بيان ڪندي فرمائن ٿا ته پيءُ خدا جي انهن امانتن سان مهر و لطف (شفقت ۽ محبت) جو ورتاءُ رکي * انهن سان پيار ڪري * جسم سان چنبڙائي * ڪلهي تي چاڙهي * انهن جي کلڻ، کيڏڻ، خوش ٿيڻ جون ڳالهيون ڪري * انهن جي دلجوئي ۽ دلداري ۽ محافظت هر وقت ايستائين جو نماز ۽ خطبي ۾ به پيشِ نظر رکي.[2]


 

 



[1]...(( جامع صغیر ، حرف الھمزۃ، ص۱۴۰،حدیث:۲۳۲۱) ۔

[2]...(( فتاوی ر ضویہ ، ۲۴ / ۴۵۳)۔