Ameer Muawiya ke Aala Ausaf

Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf

جو سرحدون پار ڪري لَامڪان جي سير فرمائي ڪري زمين تي جلواگر ٿيا. معراج جي واقعي جي تفصيل ڄاڻڻ جي لاءِ مطالعو ڪيو مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب فيضانِ معراج. هي ڪتاب مڪتبةُ المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 90 روپين ۾ قيمت ڏئي طلب ڪيو، پاڻ به پڙهو! ۽ ٻين کي به هن جي ترغيب ڏياريو.

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!     جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

منڊي پائڻ جون سُنّتون ۽ آداب

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! مرد کي سون(Gold) جي منڊي (Ring) پائڻ حرام آهي. سروَرِ ذيشان، رحمتِ عالمِيان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سون جي منڊي پائڻ کان منع فرمايو آهي (نابالغ) ڇوڪري کي سون جا زيور پارائڻ حرام آهي ۽ جنهن پارايا اهو گنهگار ٿيندو، اهڙيءَ طرح ٻارن جي هٿ پيرن تي بلا ضرورت ميندي لڳائڻ ناجائز آهي، عورت پنهنجي هٿن پيرن تي ميندي لڳائي سگھي ٿي، پر ڇوڪرن کي لڳائيندي ته گنهگار ٿيندي ڇوڪرين جي هٿن تي ميندي لڳائڻ ۾ حرج ناهي لوهه جي منڊي جهنّمين جو زيور آهي مرد جي لاءِ اها منڊي جائز آهي جيڪا مردن جي منڊي وانگر هجي يعني هڪ نگيني جي هجي ۽ جيڪڏهن ان ۾ (هڪ کان وڌيڪ يا) گھڻا نگينا هجن ته پوءِ کڻي چاندي جي هجي مَردن  جي لاءِ ناجائز آهي بغير نگيني واري منڊي پائڻ ناجائز آهي جو هي منڊي ناهي، ڇلو آهي، چاندي جي هڪ منڊي هڪ نگ واري جيڪا وزن ۾ ساڍا چار ماشه (يعني چار گرام 374 ملي گرام) کان گھٽ هجي پائڻ جائز آهي، عيدين ۾ منڊي پائڻ مستحب آهي. پر


 

 



[1]...مشکوٰۃ،کتابُ:الْاِیمان،بابُ:الْاِعْتِصَام، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔