Ameer Muawiya ke Aala Ausaf

Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf

جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے

یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!      صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

ٻارن جي دلداري فرمائيندا هئا

 پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ بلند مرتبي وارا هئا، پنهنجي وقت جا خليفه هئا، بادشاھ هئا، انداز مبارڪ ڪهڙو هو...؟ ٻڌو! هڪ ڀيري حضرت حَبَله رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه حضرت اَميرِ معاويه رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، ان وقت سندن ڳچيءَ ۾ رسي هئي ۽ هڪ ٻار ان کي ڇڪي رهيو هو. حضرت جَبَله بن سُحيم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جن سندن ان عمل تي حيرت ڪندي عرض ڪيو: اميرُ المؤمنين اوهان هن طرح ٻارن سان کيڏي رهيا آهيو؟ پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ ارشاد فرمايو: مون نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   کي فرمائيندي ٻڌو آهي: جنهن جو ڪو ٻار هجي اهو ان سان ٻار بڻجي وڃي.[1] هڪ روايت ۾ هيءُ به آهي ته حضرت ابو سفيان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: مان اميرِ معاويه رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيس، پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ چيلھ ڀر سُتل هئا ۽ سندن سيني تي هڪ ٻار يا ٻارڙي هئي جنهن کي پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ کيڏائي رهيا هئا. مون هي ڏسي ڪري عرض ڪيو: اميرُ المؤمنين! هن ٻار کي هٽايو. پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ ارشاد فرمايو: مون نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   کي هي فرمائيندي ٻڌو آهي جنهن جو ڪو ٻار هجي ته اهو ان سان ٻار بڻجي وڃي.[2]

سُبْحٰنَ اللہ!  هن کي چوندا آهن: Situational Leadership يعني موقعي کي سمجهي ڪري ليڊر بڻجڻ. جهڙو موقعو هجي، تهڙو بڻجي وڃڻ * جيڪڏهن اسان آفيسر آهيون ته آفيس ۾ آهيون، پنهنجي گهر ۾ ٻارن جا پيئر آهيون. * جيڪڏهن ڪو


 

 



[1]...( تاریخ ابن عساکر،جبلۃ بن سحیم،۷۲ / ۳۸ ملخصاً)  ۔

[2]...( فیض القدیر، حرف المیم، ۶ / ۲۷۱،تحت الحدیث:۸۹۷۵)۔