Ameer Muawiya ke Aala Ausaf

Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf

ٻڌي ويندي هئي ۽ نه ئي سندس حاجت پوري ٿيندي هئي. هڪ سال تائين هو اهڙيءَ طرح بادشاهه جي درٻار جا چڪر لڳائيندو رهيو. هڪ ڏينهن ائين ٿيو جو اهو غير مسلم بادشاهه جي درٻار جي دروازي تي بيٺو هو، ايتري ۾ خليفو هارون الرشيد گهوڙي تي سوار ٿي ٻاهر نڪتو. غير مسلم وڏي آواز ۾ پڪاريو: اِتَّقِ اللہَ یَا اَمِیْرَ  الْمُؤْمِنِیْن!   اي اميرُ المؤمنين! الله کان ڊڄو....!!

بس اهو ٻڌڻ سان ئي خليفو فوراً گهوڙي تان هيٺ لٿو ۽ الله پاڪ جي حضور سجدو ڪيو. پوءِ جڏهن سجدي کان فارغ ٿيا ته غير مسلم پنهنجي حاجت پيش ڪئي. خليفي فوراً ان جي حاجت پوري ڪئي. ڪنهن پڇيو: عالي جاه! توهان هڪ غير مسلم جي ڳالهه تي ايترو اهتمام ڇو ڪيو...؟ گهوڙي تان لهي آيا، سجدو ڪيو، پوءِ جلد ئي ان جي ڳالهه ٻڌي ۽ حاجت به پوري ڪري ڇڏي؟ خليفي چيو: نه...!! مون اهو سڀ ڪجهه هڪ غير مسلم جي ڳالهه تي نه ڪيو، پر مون کي الله پاڪ جو اهو فرمان ياد اچي ويو هو ته:

وَ اِذَا قِیْلَ لَہُ  اتَّقِ اللّٰہَ اَخَذَتْہُ الْعِزَّۃُ بِالْاِثْمِ

(سيپارو: 2، سورت بقرة: 206)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ جڏهن ان کي چيو وڃي ته الله کان ڊڄ ته اُن کي ضد گناھ تي ويتر اڀاري ٿو.

بس مون حق ڳالھ قبول ڪئي ۽ سجدو ڪري الله پاڪ کان ڊڄڻ جو عملي اظهار ڪيو.[1]

ڪاش! اسان جون به اهڙيون عادتون بڻجن، جڏهن به ڪا آيت ٻڌون، حديثِ پاڪ ٻڌون، نيڪي جي ڳالھ ٻڌون، جيستائين ممڪن هجي، ان تي جلدي کان عمل ڪري وٺڻ جي عادت بڻايون. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! برڪتون ملنديون.

عرش جي ڇانوَ ڏانهن جلدي وڌڻ وارو

مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ حضرت عائشه صديقه طيبه طاهره رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، هڪ ڏينهن پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   جن فرمايو:


 

 



[1] قرطبی،پارہ:2،سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:206، جز:3، جلد:2، صفحہ:15۔