Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf
حُسَيْنٌ مِنِّي وَاَنَا مِنْ حُسَيْنٍ يعني حسين مون مان آهي، مان حسين مان آهيان.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! غور فرمايو: پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪهڙو پيارو انداز هو، اسان ته گهر جي چارديواري ۾ اهڙي انداز کان لهرائيندا آهيون، ڊپ لڳندو آهي ته ڪٿي اسان جي عزت ۽ رتبي ۾ فرق نه اچي وڃي. الله! الله! هي عزت گهٽائڻ وارو نه عزت وڌائڻ وارو عمل آهي. اسان کي گهرجي ته ٻارن سان شفقت ۽ محبت وارا انداز اختيار ڪندا ڪيون. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
حضرت عبدُ الله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا فرمائن ٿا: منهنجي نظر ۾ ڪو حاڪم اهڙو ناهي گذريو جيڪو حسنِ اخلاق ۾ حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ کان وڌيڪ هجي، ماڻهو انهن کي ڪشاده وادي جي ڪنارن کان پري ڪندا آهن (يعني طرح طرح جون ڳاليهون ڪري انهن کي ڪاوڙ ڏياريندا آهن) پر اهي تنگي ۽ رڪاوٽ جي ڪري نه ڪاوڙ ڪندا آهن ۽ نه بُرا اخلاق اختيار ڪندا آهن.[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سان به ائين ٿيندو آهي، اسان کي دنيا ۾ هر قِسم جا ماڻهو ملندا آهن، چڱا به هوندا آهن، بُرا به هوندا آهن، اسان کي گهرجي ته سڀني سان چڱي اخلاق سان پيش اچون، شريفن سان شريفن وارو ذهن آهي، هي چڱو ناهي، درست هي آهي ته ٻانهو شريفن سان به شريف هجي ۽ بدمعاشن سان به شريف هجي، حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جو نهايت ئي پيارو فرمان آهي، پاڻ فرمائيندا هئا: مونکي پسند ناهي ته ڪنهن جي بُرائي منهنجي بُردباري کان وڌي وڃي.[3]