Ameer Muawiya ke Aala Ausaf

Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf

پياري آقا  صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ٻارن سان محبت

 سُبْحٰنَ اللہ!  هي اسان جي دين جي ڪيڏي پياري تعليم آهي، ڪاش! اسان ان تي عمل ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، ڪجھ ماڻهو صرف ڏيکاء ۾ رهندا آهن، انهن کي لڳندو آهي ته ٻارن سان کيڏڻ، انهن جي دل خوش ڪرڻ وارا اندازَ اختيار ڪيا ته اسان جي عزت گهٽ ٿي ويندي. ٻارن تي دٻدٻو نه رهندو. هيءَ غلط سوچ آهي، ٻارن تي رُعب ته رکڻو ئي ناهي هوندو، ٻارن سان شفقت ڪرڻي هوندي آهي ۽ جيستائين ڳالھ آهي عزت جي ته ياد رکندا! هن دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ عزت وارا، سڀ کان وڌيڪ شان وارا، سڀ کان وڌيڪ رتبي وارا اسان جا آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   آهن. پاڻ ٻارن سان شفقت ۽ محبت فرمائيندا هئا.

مديني جي ٻارن کي پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   سان اهڙي محبت هئي جو جڏهن پاڻ       صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   سفر کان واپس تشريف وٺي ايندا هئا ته ٻار ڊوڙي ڪري استقبال جي سعادت ماڻيندا هئا. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   انهن کي پاڻ سان سواري تي ويهاريندا هئا، هڪ ڀيري پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم سان گڏ مديني جي ڪنهن گهٽيءَ مان گذري رهيا هئا، هڪ جڳھ تي ڏٺائون ته امام عالي مقام امام حسين رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ ٻارن سان کيڏي رهيا آهن، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   ويجهو تشريف وٺي ڪري پيرن ڀر ويهي رهيا، ٻانهن کي کوليائون ته جيئن ننڍڙا حسين ڊوڙي ڪري نانا سائين جي سيني سان لڳن پر امام حسين رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ ان وقت کيڏي رهيا هئا، انهن هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ شروع ڪيو.

هاڻي جيئن ٿيندو آهي ته ٻار ننڍڙن پيرن سان ڀڄندو آهي ۽ خواهش ڪندو آهي ته مون کي پڪڙيو وڃي، اهڙو ئي انداز هو، مديني جي مقدس گهٽي آهي، امام عالي مقام رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ ڪڏهن هن پاسي وڃن ٿا ته سرڪارِ عالي وقار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   انهن جي پٺيان پٺيان تشريف وٺي وڃن ٿا، امام حسين ٻئي پاسي وڃن ٿا، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   وري پٺيان پٺيان تشريف وٺي وڃن ٿا، آخر پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   امام حسين کي پنهنجي ٻانهن ۾ کنيو ۽ مبارڪ چپن کي چمي ڪري فرمايائون: