Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf
مڪي شريف ۾ لنگر خانو قائم فرمايو جنهن ۾ حاجين ۽ رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ غريبن جي لاءِ کاڌو پچايو ويندو هو.[1]
حضرت اميرِ معاويه جون سڄي ڏينهن جون مصروفيتون
روايتن جي مطابق حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جي عادت هئي ته * نمازِ فجر کان بعد تلاوت فرمائيندا * پوءِ گهر وڃي ڪري گهريلو ڪم انجام ڏيندا هئا* ان کان فارغ ٿي ڪري چار رڪعت (اشراق، چاشت جي) نماز ادا فرمائيندا هئا * سڄي ڏينهن ۾ ڪيئي ضرورت مند سندن بارگاھ ۾ حاضر ٿيندا * پنهنجون حاجتون پيش ڪندا، پاڻ انهن جي مدد فرمائيندا، انهن جا مسائل حل فرمائيندا هئا * پوءِ حڪم فرمائيندا هئا: جيڪي ماڻهو اسان تائين نٿا پهچي سگهن انهن جون ضرورتون اسان تائين پهچايو * پاڻ ماڻهن جي سار سنڀال جي لاءِ ماڻهو مقرر ڪري رکيا هئا، اهي پنهنجون رپورٽون پيش ڪندا هئا، پاڻ ڏکايل ماڻهن جي مدد فرمائيندا هئا، ايئن سڄو ڏينهن ماڻهن جي خيرخواهي ۾ گذاريندا هئا.[2]
سُبْحٰنَ اللہ! ڪيترو پيارو انداز آهي. هاڻي اسان غور ڪيون، ڇا اسان ٻين جي مدد ڪندا آهيون، محتاجن جي ڪم ايندا آهيون؟ جيڪڏهن جواب نه ۾ آهي ته اسان کي پنهنجي عادت مٽائڻ گهرجي، غريبن، محتاجن، حاجت وارن جي ڪم اچون، جيستائين ٿي سگهي ماڻهن جون حاجتون پوريون ڪندا ڪيون. حديثِ پاڪ ۾ آهي: مَنْ كَانَ فِي حَاجَةِ اَخِيهِ، كَانَ اللهُ فِي حَاجَتِهِ ماڻهو جيستائين پنهنجي ڀاءُ جي حاجت پوري ڪرڻ ۾ لڳل رهندو آهي، الله پاڪ ان جي حاجت پوري فرمائي ڇڏيندو آهي.[3] * هڪ روايت ۾ آهي: جيڪو پنهنجي ڪنهن مسلمان ڀاءُ جي حاجت روائي