Ameer Muawiya ke Aala Ausaf

Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf

نفرت) هو، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   تبديل ڪري حَبيب رکيو.[1]

اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيئي نالا آهن جيڪي پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   تبديل فرمايا: مطلب ته: پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   جي هميشه واري عادت هئي ته بُري نالي کي مٽائي ڇڏيندا هئا، صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم ۾ تقريباً 20 صحابه اهي آهن جن جو نالو معاويه هو[2] ۽ جيستائين ڳالھ حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي آهي، پاڻ ته پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   جي خدمت ۾ رهندا هئا. هڪ ڀيرو نه ڪيئي ڀيرا زبانِ مصطفيٰ    صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   تي لفظِ معاويه آيو هوندو پر پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   هن نالي کي نه مٽايو، هن مان خبر پئي ته معاويه نالي جي معنيٰ بُري ٿي ئي نٿي سگهي، هي چڱي معنيٰ وارو لفظ آهي.

اسان عشق وارا آهيون

هڪ ڳالھ عرض ڪيان:

ہم عشق کے بندے ہیں کیوں بات بڑھائی ہے

معاويه نالي جي شانن مان هي شان آهي ته هي مبارڪ نالو مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   جي زبان مبارڪ مان ڪيئي ڀيرا ادا ٿيو آهي.

ان کےہر نام و نسبت پہ نامی درود   ان کےہر وقت و حالت پہ لاکھوں سلام

وضاحت: يعني نبي پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   جا نالا پاڪ هجن يا پاڻ سان نسبت رکڻ واري ڪا شيءِ (يا شخصيت) انهن تي درود ئي درود هجن، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   جي هر وقت ۽ حال  تي لکين سلام هجن.

معاويه جي معنيٰ

خير! عربي لغت ۾ معاويه نالي جي جيڪا معنيٰ آئي آهي، اها به ٻڌي وٺندا! عربي لغت جي تمام مشهور ڪتاب آهي لسانُ العرب: هن ۾ آهي: هڪ تارو


 

 



[1] اُسد الغابہ، جلد:1، صفحہ:409، رقم:481۔

[2] عمدۃ القاری،کتاب العلم،باب من یرداللہ بہ...الخ،جلد:2، صفحہ:69، تحت الحدیث:71۔