Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

وضاحت: الله پاڪ جي سڀ کان اعلٰي ۽ بلند نعمت (اسان غريبن جي آقا ۽ مولا، اسان جي شفاعت فرمائڻ واري، اسان کي بخشرائڻ واري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي اعلٰي درود ۽ الله پاڪ جي هن احسانِ عظيم تي لکين سلام هجن.

مُفَسِّرِشَهِيرحڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: انبياء ڪرام جا معجزا الله پاڪ جي ذات ۽ صفات جو دليل هوندا آهن. اڳوڻن نبين سڳورن عَـلَـيْهِمُ السَّلَام کي الله پاڪ مختلف معجزا عطا فرمايا. حضرت موسٰي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جو هٿ مبارڪ معجزو هو. حضرت داؤد عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جو آواز مبارڪ معجزو هو. حضرت يوسف عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جو حسن مبارڪ معجزو هو. اهڙي طرح اڳوڻن نبين سڳورن عَـلَـيْهِمُ السَّلَام مان ڪنهن کي هڪ معجزو عطا ٿيو ڪنهن کي ٻه معجزا عطا ٿيا، انهن سڀني انبياء ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام کان بعد الله پاڪ پنهنجي سڀ کان آخري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مٿي کان وٺي پيرن تائين سراپا معجزو بڻائي ڪري موڪليو([1]) ۽ فرمايو: اي انسانو!توهان وٽ توهان جي رب جي طرفان نهايت پڪو ۽ مضبوط دليل آيو.

دئیے معجزے انبیا کو خُدا نے                  معجزہ بن کے آیا ہمارا نبی

 

سرکار  کی  آمد!مرحبا!                               سردار   کی    آمد!   مرحبا!

اچھّے  کی  آمد!مرحبا!                               سچّے  کی  آمد!مرحبا!

مختار  کی  آمد!مرحبا!                                 غمخوار   کی    آمد! مرحبا!

بشیر کی آمد!مرحبا!                                 نذیر کی آمد!مرحبا!

مُنیر کی آمد!مرحبا!                                   بَصیر کی آمد!مرحبا!

حُضُور کی آمد!مرحبا!                                پُرنور                          کی                                  آمد!                مرحبا!([2])


 

 



[1]...تفسیر نعیمی ،پارہ:6 ،سورۂ نسا،تحت الآیۃ:174 ،جلد:6 ،صفحہ:147ملتقطاً۔

[2]...وسائلِ بخشش ،صفحہ:519 ۔