Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

نصيبن کي سيني سان به لڳائيندا هئا، اها آهي پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسم مبارڪ جي ڪَثافت.

     ٻئي طرف پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو جسم مبارڪ ايترو ته لطيف هو جو پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڏيئي جي سامهون تشريف آڻيندا هئا يا سج جي سامهون جلوه گر ٿيندا هئا ته ڪنهن به وقت نه ڏينهن ۾ نه رات ۾ نه ڏيئي جي سامهون نه سج ۽ چنڊ جي سامهون، ڪنهن وقت به پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسم مبارڪ جو سايو نه بڻجندو هو.

    يعني جسمِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ايترو ته لطيف هو جو جهڙي طرح روشني ۽ هوا جو سايو ناهي بڻجندو، اهڙي طرح پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو جسم مبارڪ به سايي کان بلڪل پاڪ هو، جيئن سُلطانُ المفسرين، عظيم صحابيِ رسول حضرت عبدلله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهُمَا فرمائن ٿا: لَمْ یَکُنْ لِرَسُوْلِ اللہ صَلَّی اللہ عَلَیْہ وَسَلَّم ظِلٌّ يعني رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسم مبارڪ جو بلڪل سايو نه، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن ڏيئي جي سامهو تشريف آڻيندا هئا ته سندن جو نور مبارڪ چراغ جي روشني تي غالب اچي ويندو هو ۽ جڏهن سج جي سامهون تشريف آڻيندا هئا ته نورِ مصطفٰي جي سامهون سج جو نور هلڪو پئجي ويندو هو. ([1])

حافظ الحديث، امام جلال الدين سيوطي شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خصوصيت مان هڪ خصوصيت هي به آهي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو سايو زمين تي نه پوندو هو، انڪري پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  سراپا نور آهن. ([2])  

صبح طیبہ میں ہوئی بٹتا ہے باڑا نور کا                                                                                صدقہ لینے نور کا آیا ہے تارا نور کا

تو ہے سایہ نور کا، ہر عُضْو ٹکڑا نور کا                                                                          سایہ کا سایہ نہ ہوتا، ہے نہ سایہ نور کا


 

 



[1]...سبل الہدیٰ و الرشاد ،باب العاشر فی صفۃ وجہہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ،جلد:2 ،صفحہ:40۔

[2]...خصائص الکبریٰ،باب الآيۃ فی انہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم لم یکن یری لہ ظل ،جلد:1،صفحہ:116۔