Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

ڪابه شيءِ آڙ يا حجاب (يعني پردو) ناهي، * ڏسو!حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ امامت جي مصلي تي آهن ۽ اهو شخص آخري صف ۾، وچ ۾ گھڻيون صفون آهن پر حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نگاھِ پاڪ ان جي هر حرڪت کي ڏسي رهي آهي ۽ هي ڇو نه ٿئي * جڏهن حضرت سليمان عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم 3 ميل جي فاصلي تان ڪِوِل کي ڏسي وٺن ۽ ان جو آواز به ٻڌي وٺن * آصف بن برخيا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه شام ۾ ويٺي ملڪه بلقيس جو يمني تخت ڏسي وٺن ۽ اک ڇهنب ۾ حاضر ڪن * عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم گھرن جي اندر کاڌل کاڌي ۽ جمع ڪيل ڪڻڪ کي ڏسي وٺن ته پوءِ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ته سيدُ الۡاَنبِياء آهن (پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اک مبارڪ پري ويجھو، لڪيل ظاهر کي ڇو نه ڏسندي). (3) مفتي صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: (هن حديث پاڪ مان هڪ اهم درس هي حاصل ٿيو ته) هر اُمّتي کي گھرجي ته نماز ۾ خيال رکي ته مون کي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڏسي رهيا آهن، ڏسو!سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مان توهان کي پويان به ڏسان ٿو ۽ اڳيان کان به ڏسان ٿو، لهٰذا تاقيامت پنهنجي هر امتي کي ڏسي رهيا آهن.

سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نگاھِ مصطفيٰ جو ڪمال بيان ڪندي فرمائن ٿا:

شش جِہَت سمتِ مقابلِ شب و روز ایک ہی حال

دُھوم  وَالنَّجْم   میں   ہے   آپ   کی   بینائی   کی([1])

 وضاحت: سمتِ مقابل: يعني سامهون جي طرف. هي اسان جھڙا عام ماڻهو آهن، اسان کي صرف اها ئي شيءِ نظر ايندي آهي جيڪا اسان جي اکين جي سامهون هجي مگر نگاهِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اهو ڪمال آهي جو پاڻ مٿي، هيٺ، ساڄي، کاٻي، اڳيان پويان، هر طرف ڏسندا آهن، ڇھ جون ڇھ سمتون (يعني ساڄي، کاٻي، مٿي، هيٺ، اڳيا پويان) پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لاءِ ايئن آهن جيئن عام اک جي لاءِ سامهون جي سمت هوندي آهي ۽ هي ايئن ناهي جو ڪنهن وقت هوندو آهي بلڪه ڏينهن رات، هر وقت، هر گھڙي پاڻ


 

 



[1]...حدائقِ بخشش،صفحہ:154۔