Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

اهڙي گناھ جي سبب ناهي ٿي رهيو جنهن کان بچڻ مشڪل هجي، هنن مان هڪ پيشاب جي ڇنڊن کان نه بچندو هو ۽ ٻيو چغل خور هو. ([1])

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!هن حديث پاڪ مان هڪ ته چغلي ۽ پيشاب جي ڇنڊن کان نه بچڻ جي تباھ ڪاري معلوم ٿي جيڪو ماڻهو چغلي هڻندو آهي، فساد ڪرائڻ لاءِ هڪ جون ڳالهيون ٻي تائين پڄائيندو آهي ۽ جيڪو پيشاب جي ڇنڊن کان ناهي بچندو، هي ٻئي سخت نقصان ۾ آهن، روايتن جي مطابق قبر جو عذاب زياده تَر انهن ئي گناهن جي ڪري ٿيندو آهي.

ان ڪري اسان کي گھرجي ته اسان هنن ٻنهي گناهن کان بلڪه سڀني گُناهن کان هر دم بچندا رهون. الله پاڪ اسان کي توفيق نصيب فرمائي. اٰمین بِجاہِ خاتَمِ النَّبِیّیْن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

ٻي نمبر تي هن حديث پاڪ ۾ نگاھِ مصطفيٰ جو ڪمال به بيان ٿيو آهي، هتي اهو نه سمجھو ته قبر تي چند مَڻ مٽي آهي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان مٽي جي هيٺيان ڏسي ورتو، نه، نه....!ايئن ناهي، اهو جھان تبديل آهي، قبر ۾ اندر جهاتي پائي ڏسڻ هونئن ئي شرعاً درست ناهي، باقي برسات وغيره جي سبب ڪڏهن قبر کلي وڃي ته اسان کي اتي ڪجھ به نظر نه ايندو، ڇو؟ ان ڪري جيڪو اسان ڏسي رهيا آهيون اهو دنيا آهي، مُردي سان جيڪي معاملات ٿي رهيا آهن، اهي دنيا ۾ نه بلڪه ٻي جھان يعني عالم برزخ ۾ ٿي رهيا آهن پر قربان وڃجي!هي نگاہ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪمال آهي، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن دنيا ۾ ظاهري حيات سان گڏ تشريف فرما آهن، هي جھان عليحده آهي، عالمِ برزخ الڳ جھان آهي ۽ پاڻ
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن جھان ۾ رهندي ٻي جھان کي ڏسي به رهيا آهن ۽ ٻي جھان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڪهڙي سبب ٿي رهيو آهي؟ اهو سڀ ڪجھ ڄاڻي به رهيا آهن.


 

 



[1]...بخاری،کتاب الوضوء ،باب من الکبائر ان لا یستتر من بولہ ،صفحہ:128 ،حدیث:216۔