Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

جي جسم تي هٿ لڳايو ته سڄي زندگي ان جي جسم مان تازي خوشبوء مهڪندي رهي ([1]) اهڙي ريت زبان مبارڪ جي ڳالهه ڪجي ته سبحٰن الله!ڇا شان آهي...!! اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:

وہ زباں جس کو سب کُن کی کنجی کہیں                 اس کی نافِذ حکومت پہ لاکھوں سلام ([2])

وضاحت: يعني اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زبان مبارڪ تقديرِ الاھي جي ڪنجي آھي جيئن جيئن ھي مبارڪ زبان کلندي ويندي آھي، واقعات ايئن ئي ٿيڻ لڳندا آھن۔ ھن مبارڪ زبان جا ڪمالات ڏسي ڪري چوڻو پوي ٿو ته ڪائنات جي ڪنڊ ڪڙڇ تي ان جي حڪومت آھي ۽ اھڙي حڪومت تي لکين سلام۔

 * زبان مبارڪ مان بس ڳالهه نڪرڻ جي دير هوندي هئي، جيڪو فرمائيندا هئا، اهو ئي ٿي ويندو هيو، هڪ ڀيري حضرت علي المرتضيٰ، شيرِ خدا رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ عرض ڪيو: يارَسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!سيءُ لڳي رهيو آهي، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُعا فرمايائون: ياالله!علي کان سردي گرمي دور فرماءِ. ان دعا کان پوءِ موليٰ علي رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جي هي حالت ٿي وئي جو نه سردي لڳندي هئي، نه گرمي، پاڻ گرمين ۾ ٿلها ڪپڙا پائيندا هئا ۽ سردين ۾ سنها ڪپڙا پائيندا هئا. ([3]) 

اھڙي طرح چھره اَنور جي ڳالھ ڪجي ته

دیکھنے والے کہا کرتے ہیں اللہ!اللہ!       یاد آتا ہے خُدا دیکھ کے صُورت تیری([4])

 * بلڪه ھي  ته سراپا معجزه نبي، رسول ھاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسمِ مبارڪ جي مُقَدَّس عضون جا معجزا آهن * جيڪڏھن صرف پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ


 

 



[1]... سبل الہدیٰ و الرشاد،باب التاسع فی عرقہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم و طیبہ ،جلد:2 ،صفحہ:86ملخصًا۔

[1]...حدائقِ بخشش،صفحہ:302۔

[2]...حدائقِ بخشش،صفحہ:302۔

[3]...ابن ماجہ ، کتاب السنۃ ، باب فضل علی بن ابی طالب ،صفحہ:33 ، حدیث :117 بتغیر قلیل ۔

[4]...ذوقِ نعت،صفحہ:248۔