Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

جي نالي پاڪ جي ڳالھ ڪئي وڃي ته نالي مُقدَّس مُحَمَّد جون اھڙيون اھڙيون برڪتون آھن جو واھ!سبحٰن الله!بني اسرائيل جي 100 سال عمر جي گنھگار نالي پاڪ جي تعظيم ڪئي، ان کي چمي ڪري اکين سان لڳايو، رَبِّ ڪائنات کي ھي ادا اھڙي پسند آئي جو ان جي 100 سالن جا گناھ معاف فرمائي ڪري بخشش سان نوازي ڇڏيو ([1]) * روايتن جي مطابق جنھن گھر ۾ مُحمَّد نالي وارو ھجي، ان گھر ۾ برڪت ھوندي آھي ([2]) * ھڪ حديث پاڪ ۾ آھي: جيڪو منھنجي محبت ۾، منھنجي نالي جي برڪت وٺڻ لاءِ پنھنجي پٽ جو نالو محمد رکي اھو ۽ ان جو پٽ جنت ۾ ويندا۔ ([3])

سبحٰن الله!اي عاشقانِ رسول!ھي سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسمِ پاڪ جي چند معجزات جو مختصر بيان آھي، حق ته هي آھي ته

زندگیاں ختم ہوئیں اور قلم ٹوٹ گئے               تیرے اَوْصاف کا اِک باب بھی پورا نہ ہوا

سيِّدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جھڙي بلند رتبي واري عالمِ دين سڄي زندگي نعتيون لکيون، بالآخر اھو ئي چيو:

تیرے تو وَصْف عیبِ تَناہی سے ہیں بَری

حیراں  ہُوں  میرے  شاہ  میں  کیا  کیا  کہوں  تجھے([4])

وضاحت: يعني ختم ٿي وڃڻ به ھڪ طرح کان عيب آھي، يَارَسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!توھان جا وصفَ ۽ ڪمالَ ته اھڙا آھن جو ”ختم ٿي وڃڻ“ جي عيب کان به پاڪ آھن، اي منھنجا باڪمال آقا، بي مثال آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!مان حيران آھيان ته توھان جا ڪھڙا ڪھڙا شان بيان ڪيان۔


 

 



[1]... حلیۃ الاولیاء،جلد:4 ،صفحہ:45 ،حدیث:4695 ملخصاً۔

[2]...شرح الزرقانی،مقصد الرابع،فصل الرابع ما اختص بہ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ،جلد:7 ،صفحہ:307۔

[3]...کنزالعمال،کتاب النکاح  ،جز:16 ،جلد:8،صفحہ:175 ،حدیث:45215۔

[4]...حدائقِ بخشش،صفحہ:175۔