Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

خوشخبري ڏيڻ آيا. اڄ ان جي آمد جي رات آهي جنهن جي آمد جون ڌومون عرش ۽ فرش، زمين ۽ آسمان ۾ مچايون ويون. اڄ ان جي آمد جي رات آهي جيڪي سنئين واٽ ٻڌائڻ جي لاءِ آيا. اڄ ان جي آمد جي رات آهي جيڪي الله پاڪ جي ٻانهن کي الله پاڪ سان ملائڻ جي لاءِ تشريف کڻي آيا. اڄ ان جي آمد جي رات آهي جيڪي ڀٽڪيلن کي سنئين واٽ ڏيکارڻ آيا. اڄ ان جي آمد جي رات آهي جيڪي دلين کي نورِ ايمان سان جڳمڳائڻ لاءِ تشريف کڻي آيا. اڄ ان جي آمد جي رات آهي، جيڪي انسانيت کي نفس ۽ شيطان جي قيد مان ڇڏرائڻ جي لاءِ تشريف کڻي آيا. اڄ ان جي آمد جي رات آهي جيڪي ڪفر ۽ شرڪ جون پاڙون پٽڻ جي لا تشريف کڻي آيا. اڄ ان جي آمد جي رات آهي جيڪي پنهنجي نور سان دنيا کي جڳمڳائڻ جي لاءِ تشريف کڻي آيا. اڄ ان جي آمد جي رات آهي جيڪي ڪرم جا درياء وهائڻ جي لاءِ تشريف کڻي آيا. اڄ ان جي آمد جي رات آهي جيڪي ستلن کي جاڳائڻ، روئندن کي کلائڻ لاءِ تشريف کڻي آيا. اڄ ان  جي آمد جي رات آهي جيڪي ڪِريلن کي اٿارڻ، دل ۽ جان کي زندهه فرمائڻ جي لاءِ تشريف کڻي آيا. اڄ ان جي آمد جي رات آهي جو جن کي ربّ ڪريم پنهنجي مُلڪ جو مالڪ بنايو آهي. اڄ ان جي آمد جي رات آهي جن جي قبضي ۾ ربّ ڪائنات جا خزانا آيا آهن. اڄ ان جي آمد جي رات آهي جيڪي رَؤف به آهن، رَحِيۡم به آهن. اڄ ان جي آمد جي رات آهي جيڪي نهايت سخي به آهن، ڪريم به آهن. اڄ ان جي آمد جي رات آهي جيڪي غريبن جا سهارا بڻجي تشريف کڻي آيا. اڄ ان جي آمد جي رات آهي جيڪي ٻنهي جهانن جا مالڪ ۽ مختار،