Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

۽ سيدي اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  به ڪيترو نه بهترين عرض ڪن ٿا:

قِسْمَت میں لاکھ پیچ ہوں ، سَو  بَل، ہزار       کَج                                     یہ ساری گتھی اِک تری سیدھی نظر کی ہے([1])

وضاحت: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!قسمت ۾ چاهي ڪيتريون ئي الجهنون ۽ پريشانيون لکيل هجن، بس رڳو اوهان لطف و ڪرم جي هڪ سڌي نظر فرمايو اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!تقدير جون سڀ ڳنڍيون کُلي پونديون. 

پيارا اسلامي ڀائرو!اَلْحَمْدُلِلّٰہ!درود پاڪ انمول نعمت آهي، ان جي برڪت سان مشڪلاتون حل ٿينديون آهن، تنگدستي خوشحالي ۾ بدلجندي آهي، گناهه مٽجندا آهن، رحمتون ڇما ڇم وسنديون آهن ۽ هڪ اهم ترين فائدو اهو آهي ته درود پاڪ پڙهڻ واري جو درود سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاههِ عاليشان ۾ پهچندو آهي، مالڪ ۽ مختار نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نظرِ عنايت به نصيب ٿيندي آهي ۽ آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ چاهن ته پنهنجي غلامن کي ديدار جو جام به عطا فرمائيندا آهن.

الله پاڪ اسان کي ڪثرت سان درود پاڪ پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي پڻ ڪاش!جو درود پاڪ جي برڪت سان اسان کي محبوبِ خدا، سردار انبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نظر ڪرم نصيب ٿي وڃي ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!ٻنهي جهانن ۾ ٻيڙو پار ٿي ويندو.

پڑ گئی جس پہ محشر میں بخشا گیا                                دیکھا جس سمت ابرِ کرم چھا گیا

رُخ جدھر ہو گیا زندگی پا گیا                                     جس طرف اُٹھ گئی دَم میں دَم آگیا


 

 



[1]... حدائقِ بخشش،صفحہ:227۔