Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

ڏينهن ۽ رات خزانا آهن

   ڪامل ولي حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: بيشڪ هي ڏينهن رات 2 خزانا آهن، بَس غور ڪيو ته انهن خزانن کي ڪٿي خرچ (Spend) ڪري رهيا آهيو؟

موسوعہ ابن ابی الدنیا،کتاب:کلام اللیالی و الایام،جلد:8،صفحہ:336۔

ڏينهن ۽ رات 2 مهمان آهن

  امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اي ابنِ آدم! هي ڏينهن ۽ رات توهان وٽ مهمان آهن، جلدئي هي توهان جي تعريف (Praise) ڪري يا توهان کي بُرو ڀلو چئي ڪري هليا ويندا.

هاءِ! منهنجي زندگي جو هڪ ڏينهن گهٽ ٿي ويو

   حضرت مُفَضَّل بن يُونُس رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو معمول هو: جڏهن رات ٿيندي هئي ته فرمائيندا هئا: هاءِ! منهنجي زندگي جو هڪ ڏينهن گهٽ (Minus) ٿي ويو. جڏهن صبح ٿيندي هئي ته فرمائيندا: هاءِ! منهنجي زندگي جي هڪ رات گهٽ ٿي وئي. جڏهن سندن آخري وقت آيو ته پاڻ روئڻ لڳا، پوءِ فرمايائون: مان ڄاڻان ٿو ته مون تي آفتن (Calamities) سان ڀريل ڏينهن اچڻ وارو آهي، هاءِ! ڏينهن سخت غم وارو آهي، بيشڪ اهو ئي سچو خدا آهي، جنهن پنهنجي مخلوق جي لاءِ موت جو فيصلو فرمايو، پوءِ پاڻ سيپارو: 29، سورة مُلڪ جي هي آيتِ ڪريمه تلاوت فرمائي:

الَّذِیۡ  خَلَقَ الۡمَوۡتَ وَ الۡحَیٰوۃَ لِیَبۡلُوَکُمۡ  اَیُّکُمۡ  اَحۡسَنُ عَمَلًا ؕ  (سيپارو: 29، سورة مُلڪ: آيت: 2)

ترجمو ڪنزالعرفان: (الله اهو آهي) جنهن موت ۽ زندگي کي پيدا ڪيو ته جيئن توهان جي آزمائش ڪري ته توهان مان ڪير وڌيڪ سُٺا عملَ ڪرڻ وارو آهي.