Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

ان عبادت جو ثواب ڇا آهي؟ اچو! ٻڌو!

رات جي نماز جي فضائلن تي 3 حديثون

(1): حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مون عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مون کي ان شيءِ تي آگاھ فرمايو، جنهن کي اپنائي ڪري مان جنّت ماڻي سگهان. فرمايائون: کاڌو کارايو ۽ سلام عام ڪيو ۽ صلهءِ رحمي ڪيو ۽ رات ۾ جڏهن ماڻهو سُمهي رهيا هجن ته (نفلي) نماز پڙهو، تون سلامتي سان جنّت ۾ داخل ٿي ويندي. (مُسنَدِ امام احمد،جلد:4،صفحہ:209، حدیث:8152) (2): پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنّت ۾ اهڙا بالاخانا آهن جن جو ٻاهر اندر کان ۽ اندر ٻاهر کان ڏٺو ويندو آهي، هڪ اعرابي اٿي ڪري عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! هي ڪنهن جي لاءِ آهن؟ ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هي ان جي لاءِ آهن، جيڪو نرم گفتگو (Soft Conversation) ڪري، کاڌو کارائي، لڳاتار روزا رکي ۽ رات جو جڏهن ماڻهو سمهي رهيا هجن ته اٿي ڪري الله پاڪ جي لاءِ نماز پڙهي. تِرمذی، کتاب: صفۃ الجنۃ ، باب: ماجاء فی صفۃ  غرف الجنۃ ، صفحہ:597، حدیث:2527۔ (3): پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت ابوذر غفاري رَضِىَ اللهُ عَنْه کي فرمايو: جيڪڏهن تون سفر جو ارادو ڪرين ته ان جي لاءِ ڪا تياري ڪندي؟ عرض ڪيائون: جي ها! فرمايائون: قيامت جي سفر جو ڇا حال آهي؟ اي ابوذر! ڇا مان توکي انهن شين جي باري ۾ نه ٻڌايان جيڪي توکي ان ڏينهن نفعو پهچائينديون؟ عرض ڪيائون: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان! ضرو ٻڌايو. پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: قيامت جي ڏينهن جي لاءِ سخت گرمي جو روزو رکو، قبر جي دهشت جي لاءِ رات جي اونداهي ۾ 2 رڪعتون پڙھو، وڏن وڏن (پيش اچڻ وارن) ڪمن جي لاءِ حج ڪيو ۽ ڪنهن مسڪين کي