Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

   هي شيڊيول مثال طور عرض ڪيو آهي، بهرحال! نماز جي لاءِ وڃڻ کان وٺي ڪري اچڻ تائين جيڪو وقت آهي، هي وقت ته لڳڻو ئي لڳڻو آهي، نماز فرض آهي، اسان کي پڙهڻي ئي پڙهڻي آهي، لهٰذا هي وقت اسان ايئن پلاننگ سان گذارينداسين ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! انهيءَ وقت ۾ کوڙ نيڪيون ڪمائڻ ۾ ڪامياب  (Successful) ٿي وينداسين.

میں ساتھ جماعت کے پڑھوں ساری  نَمازیں   اللہ! عبادت میں مِرے دل کو لگا دے

وسائلِ بخشش،صفحہ:114۔

(3): ڏينهن جو پهريون ۽ آخري وقت نيڪين ۾ گذاريو!

   ڏينهن ۽ رات جو شيڊيول بڻائڻ جي باري ۾ ٽيون مدني گُل: هي آهي ته ڏينهن جو شروعاتي ۽ آخري وقت نيڪ ڪمن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو! ڇوته هي ٻئي وقت نهايت بابرڪت ۽ تمام اهميت وارا آهن. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

فَسُبۡحٰنَ اللّٰہِ  حِیۡنَ تُمۡسُوۡنَ وَ حِیۡنَ تُصۡبِحُوۡنَ (۱۷)  (سيپارو: 21، سورة روم: آيت: 17)

ترجموڪنزالعرفان: پوءِ الله پاڪ جي پاڪائي بيان ڪيو جڏهن شام ڪيو ۽ جڏهن صبح ڪيو.

هڪ ٻئي مقام تي فرمائي ٿو:

وَ سَبِّحۡ بِحَمۡدِ رَبِّکَ قَبۡلَ طُلُوۡعِ الشَّمۡسِ وَ قَبۡلَ غُرُوۡبِہَا ۚ      (سيپارو: 16، سورة طٰهٰ: آيت: 130)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ سج اڀرڻ کان اڳ ۽ ان جي غروب ٿيڻ کان اڳ پنهنجي ربّ کي ساراهيندي سندن پاڪائي بيان ڪندو رھ.