Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

وڪوڙي ورتو آهي جو آخرت جي فڪر جو ته وقت ئي ناهي ملندو، هر وقت دنيا ڪمائڻ جو ئي فڪر آهي، جنّت ڪمائڻ، آخرت بهتر بڻائڻ ۽ قبر ۾ روشني جو سامان ڪرڻ جو ته ڪڏهن به خيال ئي ناهي ايندو!! هاءِ هي غفلت...!! ٿورو تصور ڪيو! (Just Imagine it) هي دنيا ڪيتري دير تائين رهڻي آهي. ڪهڙي خبر: اڄوڪي رات اسان جي زندگي جي آخري رات هجي، ڪهڙي خبر: اڳين گهڙيءَ ۾ ئي حضرت مَلَڪَ الۡمَوۡت عَلَيهِ السَّلَام تشريف وٺي اچن ۽ اسان کي صبح جو سج ڏسڻ به نصيب نه ٿئي...!!

هونئن به جيتوڻيڪ اسان سؤ سال به زندگي گذاريون، آخر هڪ نه هڪ ڏينهن ته مرڻو ئي آهي، هن دنيا کي ڇڏڻو آهي، جيڪو ڪمايو هتي ئي ڇڏي قبر ۾ لهڻو  آهي ۽ پنهنجي ڪَيل جي سزا ڀوڳڻي آهي.

گر جہاں میں سو برس تُو جی بھی لے                        قبر میں تنہا قیامت تک رہے

قبر روزانہ یہ کرتی ہے پکار                                   مجھ میں ہیں کیڑے مکوڑے بیشمار

یاد رکھ!میں ہوں اندھیری کوٹھڑی                      تجھ کو ہو گی مجھ میں سُن! وحشت بڑی

میرے اندر تُو اکیلا آئے گا                                 ہاں! مگر اعمال لیتا آئے گا

گھپ اندھیری قبر میں جب جائے گا                   بے عمل! بے انتہا گھبرائے گا

کام مال و زر نہیں کچھ آئے گا                              غافل انساں! یاد رکھ پچھتائے گا

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

هر ڏينهن عمر گهٽجي رهي آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! چڱو، سمجهدار (Sensible) ۽ عقلمند اهو ئي آهي جيڪو غفلت جي چادر لاهي ۽ قبر ۽ آخرت جي تياري ۾ مصروف ٿي وڃي. حضرت