Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

باجماعت نماز جو ثواب

   امام فقيه ابو اللّيث سمرقندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه (تابعي بزرگ) حضرت ڪعبُ الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنْه کان نقل ڪيو آهي ته انهن فرمايو: مون تورات جي ڪنهن مقام تي پڙهيو (الله پاڪ فرمائي ٿو): اي موسٰي! فجر جون 2 رڪعتون احمد (هتي احمد مان مُراد، الله پاڪ جا پيارا نبي، حضور مڪي مدني آهن) ۽ انهن جي امّت ادا ڪندي، جيڪو انهن کي پڙهندو ان جا ان ڏينهن رات جا گناھ بخشي ڇڏيندُس ۽ اهو منهنجي ذمي ۾ هوندو. اي موسٰي! ظهر جون 4 رڪعتون احمد ۽ ان جي امّت پڙهندي انهن کي پهرين رڪعت جي عيوض (يعني بدلي ۾) بخشي ڇڏيندس ۽ ٻيءَ جي بدلي ۾ انهن (جي نيڪين) جو پُڙ وزني ڪري ڇڏيندس ۽ ٽئين جي لاءِ ملائڪ يعني مقرر ڪندُس ته تسبيح (يعني الله پاڪ جي پاڪائي بيان) ڪندا ۽ انهن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪندا رهندا ۽ چوٿين جي بدلي انهن جي لاءِ آسمان جا دروازا ڪُشاده ڪري ڇڏيندس، وڏين وڏين اکين واريون حورون انهن تي شوق ڀريون نظرون وجهنديون. اي موسٰي! عصر جون 4 رڪعتون احمد (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) ۽ انهن جي امّت ادا ڪندي ته ستن آسمانن ۽ زمين ۾ ڪو ملائڪ باقي نه بچندو، سڀ ئي انهن جي مغفرت گهرندا ۽ ملائڪ جنهن جي مغفرت گهرن مان ان کي هرگز عذاب نه ڏيندس. اي موسٰي! مغرب جون 3 رڪعتون آهن، انهن کي احمد (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) ۽ سندن امّت پڙهندي (ته) آسمانن جا سمورا دروازا انهن جي لاءِ کولي ڇڏيندس، جنهن حاجت جو سوال ڪندا ان کي پورو ڪندس. اي موسٰي! عشاء جون 4 رڪعتون آهن، انهن کي احمد (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) ۽ انهن جي امّت پڙهندي ته هي انهن جي لاءِ دنيا ۽ ان جي هر شيءِ کان بهتر آهن، اهي هنن کي گناھن کان ايئن ڪڍي ڇڏينديون، جيئن پنهنجي ماءُ جي پيٽ مان پيدا ٿيا. اي موسٰي! جڏهن احمد (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) ۽ انهن جي امّت وضو ڪندي ته مان هر ڦُڙي جي بدلي اهڙي جنّت عطا فرمائيندس