Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! هي فجر ۽ عصر جا وقت ڪهڙا ته بابرڪت آهن. لهٰذا هي ٻئي وقتَ نيڪ ڪمن ۾ گذاريو!

صبح جو وقت ڪيئن گذاريو؟

    ڪوشش ڪيو ته نمازِ فجر جو وقت شروع ٿيڻ کان گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلاڪ پهريان (يعني سحري جي وقت) اٿي وڃو، نمازِ تهجد ادا فرمايو.  ذڪر و درود ۾ مصروف رهو، ان وقت درودِ پاڪ پڙهڻ، خاص طور اِسۡتِغفار (مثال طور اَسْتَغْفِرُ اللہ!) پڙهڻ جون تمام گهڻيون برڪتون آهن.

روزي ۾ برڪت جو نسخو

   هڪ صحابي (رَضِىَ اللهُ عَنْه) حضور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت  ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائون: يارسولَ الله (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ)! دنيا مون کان منهن ڦيري ورتو، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ڇا اها تسبيح توکي ياد ناهي؟ جيڪا تسبيح ملائڪن جي آهي ۽ جنهن جي برڪت سان روزي ڏني ويندي آهي، خلقِ دنيا تو وٽ ذليل ۽ خوار ٿي ڪري ايندي، طلوعِ فجر جي وقت 100 ڀيرا پڙهندو ڪر سُبْحٰنَ اللہ وَبِحَمْدِہٖ سُبْحٰنَ اللہ الْعَظِیْمِ وَ بِحَمْدِہٖ اَسْتَغْفِرُاللہ ان صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه کي 7 ڏينهن گذريا هئا ته خدمتِ اقدس ۾ حاضر ٿي ڪري عرض ڪيائين: يارسولَ الله(صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ)! دنيا موٽ وٽ ايتري ڪثرت سان آئي، مان حيران آهيان ڪٿان کڻان ۽ ڪٿي رکان!

 لسان المیزان، حرف العین، جلد:4، صفحہ:304،حدیث:5100، ملفوظات اعلیٰ حضرت، صفحہ:128۔

الله پاڪ نيڪ ماڻهن جو هي وصف بيان فرمايو آهي:

وَ  بِالۡاَسۡحَارِ ھُمۡ  یَسۡتَغۡفِرُوۡنَ (۱۸)  (سيپارو: 26، سورة ذاريات: آيت: 18)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ رات جي آخري پهرن ۾ بخشش گهرندا هئا.