Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

هاڻي انهن نيّتن تي عمل ڪندي مسجد وڃو! وضو گهران ڪري آيا آهيو ته بهتر، نه ته هاڻي مسجد ۾ وضو ڪيو! وضو جي آدابن جو خيال رکو! وضو جون 14 سنّتون آهن، انهن 14 سنّتن تي لازمي عمل ڪيو! وضو جي پاڻي جا قطرا مسجد جي فرش تي نه ڪِرن، ان جي لاءِ وضو خاني تي ئي عضوا صاف ڪري وٺو! ها ٿوري آلاڻ باقي رهڻ ڏيو جو هي آلاڻ قيامت جي ڏينهن ميزان ۾ رکي ويندي هاڻي مسجد پهچو، جيڪڏهن وقت هجي ته تحيةُ المسجد ۽ تحيةُ الوضو جا نوافل پڙهي وٺو! (پر ياد رکو! نوافل فجر ۽ مغرب جي اذان کان بعد نه ٿا پڙهي سگهون) يا چاهيو ته سنّتِ قبليه (يعني فرضن کان پهريان وارين سنّتن) ۾ ئي تحيةُ الوضو ۽ تحيةُ المسجد جي نيّت ڪري وٺو! هاڻي جماعت جي انتطار ۾ ويهڻو آهي، يقين ڪيو! نماز جي انتظار ۾ ويهڻ به فائدي کان خالي ناهي.

قيامت جي ڏينهن چمڪدار، روشن چهرا

   جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو ته قبرن مان هڪ اهڙي جماعت اٿندي جن جا چهرا چمڪدار تارن جيان هوندا، ملائڪ انهن کي چوندا ته توهان جا اعمال ڪهڙا هئا، اهي جواب ڏيندا ته جڏهن اسان اذان ٻڌندا هئاسين ته وضو جي لاءِ اٿي ويندا هئاسين ۽ ڪنهن ٻئي ڪمَ ۾ مشغول نه ٿيندا هئاسين. پوءِ هڪ اهڙي جماعت ايندي جن جا چهرا چاندي جيان چمڪندا هوندا، اهي ملائڪن جي سوال کان بعد چوندا ته اسان وقت کان پهريان وضو ڪندا هئاسين، پوءِ هڪ اهڙي جماعت ايندي جن جا چهرا سج جيان چمڪندا هوندا ۽ اهي چوندا ته اسان اذان مسجد ۾ ٻڌندا هئاسين (يعني اذان کان پهريان مسجد ۾ پهچي ويندا هئاسين). تفسیر روح البیان ، پارہ :18،سورۃ النور، تحت الآیۃ :38، جلد:6، صفحہ:161۔

   اي عاشقانِ رسول! ڪوشش ڪيو! ايترو جلدي اچي وڃو جو جماعت جي