Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

ڪري مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي، ان رسالي جي صورت ۾ شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو اصلاحِ امّت جي لاءِ جذبو ڏسي ڪري مون هٿون هٿ بيعت جي لاءِ نالو ڏئي ڇڏيو ۽ عطاري بڻجي ويس، وقت جي ڪامل ولي سان نسبت ڇا ٿي، دل گناھن کان بيزار ۽ نيڪين جي طرف مائل ٿي وئي، مون گناھن کان توبھ ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول کي دل ۽ جان سان اپنائي ورتو، ان جي برڪت سان منهنجا اخلاق سٺا ٿيڻ لڳا، منهنجي ان تبديلي جو منهنجي گهر وارن تي به چڱو اثر ٿيو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! آهسته آهسته پورو گهراڻو ئي قادري، رضوي، عطاري بڻجي ويو، گهر ۾ نمازن جي پابندي شروع ٿي وئي، فلمون ڊراما، گانا باجا بند ٿي ويا ۽ گناھن ڀري چينلز جي جڳھ مدني چينل هلڻ لڳو.

خوب مَدنی قافِلوں کی دھوم ہو                               نیک ہو امَّت اے نانائے حسین

مَدنی اِنعامات کی ہو ریل پیل      نیک ہو امَّت اے نانائے حسین

وسائِلِ بخشش، صفحہ:258۔

نوٽ:  دعوتِ اسلامي اسلامي جي ديني ماحول ۾ مدني انعامات کي هاڻي نيڪ اعمال چيو ويندو آهي.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

مدني قاعدو (Madani Qaida)  موبائل ايپليڪيشن

   پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ جي دعوتِ اسلامي جي I.T ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپليڪيشن به جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: مدني قاعده (Madani Qaida) هن ايپليڪيشن ۾مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جي آڊيو (Sensible) شامل ڪئي وئي آهي يعني هن ايپليڪيشن ۾ توهان مدني