Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

مروي آهي ته پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو مغرب ۽ عشاء جي درميان مسجد ۾ ويٺو رهي، نماز ۽ قرآن کان علاوه ڪا ڳالھ نه ڪري، ته الله پاڪ جي ذمهءِ ڪرم تي حق آهي ته ان جي لاءِ جنّت ۾ 2 محل بڻائي ۽ هر محل (Palace) جي مسافت 100 سال هوندي.    قوت القلوب، الفصل الحادی عشر، جلد:1،صفحہ:58 ۔

هڪ روايت ۾ آهي ته پاڻ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مغرب ۽ عشاء جي وچ واري نماز، اوّابين (يعني تمام گهڻو توبھ ڪرڻ وارن) جي نماز آهي. 

(جمع الجوامع،جلد:7،صفحہ:47 ،حديث:20844 )

(4): رات جو قيام لازمي ڪيو!

اي عاشقانِ رسول! اسان ڏينهن رات ڪيئن گذاريندا آهيون؟ ان بابت چوٿون مدني گل: هي آهي ته رات جو سمهڻ کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ اهڙو مقرر ڪيو، جنهن ۾ صرف عبادت ئي هجي ۽ ٻيو ڪو ڪم نه ڪرڻو هجي. ڪوشش ڪيو ان هڪ ڪلاڪ ۾ پوري اهتمام سان عبادت ڪيو ممڪن هجي ته هڪ جوڙو الڳ سان ان وقت جي لاءِ رکي ڇڏيو، نه ته صاف سٿرا ڪپڙا پهريو تازو وضو ڪيو خوشبو لڳايو ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ الله پاڪ جي عبادت ڪيو، توڙي نماز پڙهو، تلاوت ڪيو، درودِ پاڪ پڙهو، بلڪه بهتر هي آهي ته ڪجھ عبادتون گڏ ڪيو مثال طور 15 منٽ نوافل پڙهو، 15 منٽ تلاوت ڪيو، 15 منٽ درودِ پاڪ پڙهو ۽ آخري 15 منٽ ڪو ديني ڪتاب پڙهو، هفتيوار رسالو مطالعي واري ديني ڪم تي عمل ڪيو، اميرِ اهل سنت،
دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو نهايت پيارو رسالو: انمو هيرا جيڪو وقت جي اهميت جي باري ۾ آهي ان جو مطالعو ڪيو، ايئن اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! سُستي (Boredom) به نه ٿيندي، دل سان هڪ ڪلاڪ عبادت ۾ گذارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندؤ.