Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

ڪا شيءِ ڏئي ڪري يا حق ڳالھ چئي ڪري يا ڪنهن بُري ڪلمي کان خاموش رهي ڪري صدقو ڪيو. موسوعہ امام ابن ابی الدنیا، التہجد وقیام اللیل،جلد:1 ،صفحہ:247 ،حدیث:10 ۔

جهنّم کان نجات ملي  وئي

    پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زماني ۾ هڪ شخص جو معمول هو ته جڏهن ماڻهو سمهي رهندا هئا ته هو نماز پڙهندو، قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪندو ۽ بارگاھِ الهي ۾ عرض ڪندو هو: یَا رَبَّ النَّارِ اَجِرْنِیْ مِنْھَا يعني اي باھ جا ربّ! مون کي ان کان نجات عطا فرماءِ. بارگاھِ رسالت ۾ ان شخص جو تذڪرو ڪيو ويو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جڏهن ٻيهر ايئن ٿئي ته مون کي اطلاع ڏجو (بهرحال، جڏهن اطلاع ڏني ويو ته) پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان وٽ تشريف کڻي آيا ۽ ان جي گفتگو کي ٻڌائون. جڏهن صبح ٿي ته فرمايائون: اي فلاڻا! تون الله پاڪ کان جنّت جو سوال ڇونه ڪيو؟ ان عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! منهنجو ايڏو مقام ڪٿي آهي ۽ نه ئي منهنجا اعمال ان قابل آهن، ٿوري ئي دير گذري هئي جو حضرت جبرائيل عَلَيهِ السَّلَام بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿي ڪري عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ان کي خبر ڏيو ته الله پاڪ ان کي باھ کان نجات عطا فرمائي ڪري جنّت ۾ داخل فرمائي ڇڏيو آهي.

(احیاء العلوم،کتاب:ترتیب الاوراد ،باب:الثانی، جلد:1،صفحہ:469)

عمل کا ہو جذبہ عطا یاالٰہی!

میں پانچوں نَمازیں پڑھوں باجماعت          گُناہوں سے مجھ کو بچا یاالٰہی!

ہو توفیق ایسی عطا یاالٰہی!

میں پڑھتا رہوں سنتیں، وقْت ہی پر                      ہوں سارے نوافِل ادا یاالٰہی!

دے شوقِ تلاوت دے ذَوقِ عبادت       رہوں  بَاوُضو  میں  سدا  یاالٰہی!

وسائلِ بخشش،صفحہ:102۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد