Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پڄائڻ جي ڪوشش ڪندس۔ اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم!

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

امام اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن جو ڏينهن  رات جو جَدول (Schedule)

   حضرت مِسۡعَر بن ڪِدام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مان امام اعظم ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مسجد ۾ حاضر ٿيس، مون ڏٺو ته نمازِ فجر ادا ڪرڻ کان بعد پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ماڻهن کي سڄو ڏينهن علمِ دين پڙهائيندا رهن پيا ، ان دوران صرف نمازن جا وقفا (Prayer Breaks) ٿيا، عشاء جي نماز کان بعد پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي مڪان ۾ تشريف وٺي ويا. ڪجھ ئي دير کان پوءِ سادو لباس پهري خوب خوشبو (Perfume) لڳائي فَضا مهڪائيندي، پنهنجو نوراني چهرو چمڪائيندي، مسجد جي ڪونڊ ۾ نفلن ۾ مشغول ٿي ويا ايسيتائين جو صبحِ صادق ٿي وئي، هاڻي حويلي پاڪ (گهر مبارڪ) ۾ تشريف کڻي ويا ۽ لباس تبديل ڪري واپس آيا ۽ نمازِ فجر باجماعت ادا ڪرڻ کان بعد گذريل ڏينهن جيان عشاء تائين درس ۽ تدريس (Teaching) جو سلسلو جاري رهيو. مون سوچيو پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جن تمام گهڻو ٿڪجي پيا هوندا، اڄ رات ته ضرور آرام فرمائيندا، پر ٻيءَ رات به اهو ئي معمول رهيو. پوءِ ٽيون ڏينهن ۽ رات به انهيءَ طرح گذري. مان تمام گهڻو متاثر ٿيس ۽ مون فيصلو ڪيو ته سڄي ڄمار انهن جي خدمت ۾ رهندُس. جيئن ته  مون انهن جي مسجد ۾ ئي مُستقل (Permanently) قِيام اختيار ڪيو. مون پنهنجي قيام جي مُدت ۾، امام اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه کي ڏينهن جو ڪڏهن به بنا روزي ۽ رات جو ڪڏهن به عبادت ۽ نوافل کان غافل (Heedless) ٿيندي نه ڏٺو. باقي ظهر کان پهريان پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه ڪجھ دير آرام فرمائي وٺندا هئا.