Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

ثواب ۽ مغفرت ئي آهي. (احیاء العلوم،کتاب:ترتیب الاوراد ،باب:الاول فی فضیلۃ الاوراد ،جلد:1،صفحہ:438)

 ڄڻ ته فرمايو وڃي رهيو آهي! اسان رات کي به پنهنجي قدرت جي نشاني (Sign) بڻايو، ڏينهن کي به پنهنجي قدرت جي نشاني بڻايو، ڇو؟ ته جيئن توهان رات ڏينهن نيڪيون ڪيو، جنّت ۾ وٺي وڃڻ وارن عملن جي ذريعي آخرت جو عظيم ثواب ۽ الله پاڪ جي مغفرت تلاش ڪندا رهو...!!

نیکیوں میں یَارسولَ اللہ دل لگ جائے کاش!              اور گناہوں سے مجھے ہوجائے نفرت  یَا رَسول

(وسائلِ بخشش،صفحہ:242۔)

ڏينهن رات ذڪر و  فڪر ۽ شڪر جي لاءِ آهن

   سيپارو: 19، سورة فرقان، آيت: 62 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ ھُوَ الَّذِیۡ جَعَلَ الَّیۡلَ وَ النَّہَارَ خِلۡفَۃً لِّمَنۡ اَرَادَ  اَنۡ یَّذَّکَّرَ اَوۡ اَرَادَ شُکُوۡرًا (۶۲)  (سيپارو: 19، سورة فرقان، آيت: 62)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اهو ئي آهي جنهن رات ۽ ڏينهن کي هڪٻئي جي پٺيان اچڻ وارو بڻايو (هيءُ) ان جي لاءِ (نشاني) آهي جيڪونصيحت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو يا جيڪو (الله جو شڪر) ادا ڪرڻ چاهي ٿو.

   يعني الله پاڪ رات ڏينهن کي هڪٻئي جي پٺيان اچڻ وارو بڻايو ته جيئن انهن مان ڪنهن هڪ وقت ۾ ڪو نيڪ عمل رهجي وڃي ته ٻئي وقت ۾ ان جو ازالو (Compensate) ڪيو وڃي، وڌيڪ هن آيتِ ڪريمه ۾ هي به ٻڌايو ويو ته ڏينهن رات جو ايئن اڳيان پٺيان اچڻ الله پاڪ جي ذڪر، آخرت جي معاملات ۾ غور ۽ فڪر (Compensate) ۽ الله پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ جي لاءِ آهي.

کاش لب پر مِرے رہے جاری ذِکْر  آٹھوں  پَہَر  ترا  یاربّ!

وسائلِ بخشش،صفحہ: 79۔