Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

شام جو وقت ڪيئن گذاريون؟

   ڪوشش فرمائي ڪري اذانِ مغرب کان پهريان ئي مسجد ۾ تشريف کڻي اچو ۽ اعتڪاف جي نيّت سان مسجد ۾ ويهو، تلاوت، ذڪر ۽ درود ۽ آخرت جو فڪر وغيره نيڪ ڪمن ۾ مصروف رهو نمازِ مغرب باجماعت ادا فرمايو پوءِ نمازِ مغرب کان بعد جيڪو وقت آهي، اهو رات جو ابتدائي حصو آهي، اهو نهايت ئي بابرڪت، وڏي اهميت وارو آهي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

تَتَجَافٰی جُنُوۡبُہُمۡ عَنِ الۡمَضَاجِعِ  (سيپارو: 21، سورة سجده: آيت: 16)

ترجمو ڪنزالعرفان: انهن جا پاسا سندن سمهڻ جي جاين کان جُدا هوندا آهن.

هن آيتِ ڪريمه ۾ ايمان وارن جو هڪ وصف (Quality) بيان ڪيو ويو آهي ته انهن جا پاسا انهن جي بسترن کان جُدا رهندا آهن. هڪ قول جي مطابق هن آيت ۾ مغرب ۽ عشاء جي درميان نماز پڙهڻ وارن جي فضيلت بيان ڪئي وئي آهي. )احیاء العلوم (مترجم)،جلد:1،صفحہ:1014 ماخوذاً)

  اوّابين جي نماز جا فضائل

      رسولِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: عَلَیْکُمْ بِالصَّلَاۃِ فِیْمَا بَیْنَ الْعِشَائَیْنِ يعني توهان تي مغرب ۽ عشاء جي وچ واري نماز پڙهڻ لازم آهي فَاِنَّہَا تَذْہَبُ بِمُلَاغَاۃِ  اَوَّلِ النَّہَارِ وَتَسُدُّنَّ آخِرَہٗ  ڇوته هي ڏينهن جي فضوليات کي کڻي ويندي آهي ۽ ان جي آخر کي صاف ڪري ڇڏيندي آهي. (فردوس الاخبار ،جلد:3، صفحہ:50،حدیث:3844۔) حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان مروي آهي ته پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: جيڪو نمازِ مغرب کان بعد 6 رڪعتون هن طرح ادا ڪري جو انهن جي وچ ۾ ڪا بُري ڳالھ نه ڪري ته هي 6 رڪعتون 12 سال جي عبادت جي برابر هونديون. (ترمذی، کتاب السہو، باب ما جاء فی فضل التطوع، صفحہ:131، حدیث:435) حضرت ثوبان رَضِىَ اللهُ عَنْه کان