Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

ڀائرن جي لاءِ: 72 نيڪ اعمال. اسلامي ڀينرن جي لاءِ 63، اسڪولز، ڪالجز ۽ جامعةُ المدينه جي طلباء جي لاءِ 92، طالبات جي لاءِ 83 ۽ مدرسةُ المدينه جي ٻارن جي لاءِ 40، اهڙي طرح اسپيشل پرسنز (Special Persons يعني گونگن (Deaf) ٻوڙن (Dumb) ۽ نابينا (Blind)) اسلامي ڀائرن جي لاءِ 27، قيدين جي لاءِ 52 نيڪ اعمال مُرتب فرمايا آهن. يه مختصر رسالو مڪتبةُ المدينه کان طلب ڪيو ۽ چاهيو ته دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ (www.dawateislami.net) تان ڊاؤن لوڊ ڪري وٺو بلڪه وڌيڪ آساني چاهيو ٿا ته پنهنجي موبائل ۾ Naik Amal ايپليڪيشن انسٽال ڪري وٺو، ان ۾ مختلف نيڪ اعمال تي مشتمل سوالات ڏنا ويا آهن، هر سوال جي هيٺان 30 خانا آهن، روزانو پنهنجي مرضيءَ جو ڪو به وقت مقرر ڪري پنهنجي اعمال جو جائزو وٺو، ۽ ان جي مطابق زندگي گذاريو، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ان جي برڪت سان گناھن کان بچڻ ۽ نيڪين ڪرڻ جو ذهن بڻجندو، دل کي پاڪيزگي ملندي ۽ ڪردار صاف سٿرو، نکرجي، خوبصورت ٿي ويندو. اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

پورو گهراڻو سُڌري ويو

   ضلع اٽڪ (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاء جو بيان آهي، مان گناھن ڀري زندگي گذاري رهيو هيس، فلمون ڏسڻ، آوارا گردي ڪرڻ، نمازو قضا ڪرڻ وغيره منهنجي معمولات ۾ شامل هو، هڪ ڀيري اسان جي علائقي ۾ عاشقانِ رسول جو مدني قافلو آيو، انهن مان هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي مغرب جي نماز پڙهڻ ۽ بيان ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، منهنجي خوش نصيبي جو مان انهن سان گڏ مسجد هليو ويس، مغرب کان بعد بيان ٻڌي ڪري وڏو لطف آيو، بيان جي آخر ۾ مبلغ نيڪ اعمال جي رسالي جو تعارف (Introduction) ڪرايو، رسالي نيڪ اعمال ۾ لکيل نيڪين ڀري زندگي گذارڻ جا مدني گُلَ ڏسي