Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

(2): نمازن جا  وقت اهتمام سان گذاريو!

ڏينهن رات ڪيئن گذارڻا آهن؟ ان بابت ٻيو مدني گلُ: هي آهي ته نماز پڙهڻ ۾ جيترو وقت لڳندو آهي، اهو وقت پوري اهتمام سان، ڀرپور پلاننگ (Planning) سان گذاريو! اسان جڏهن نماز جي لاءِ گهر يا دڪان کان هلندا آهيون، ان وقت کان وٺي واپس گهر يا دڪان تي اچڻ تائين تقريباً 15 کان 20 منٽ يا اڌ ڪلاڪ لڳي ويندو هوندو. هي جيڪي 15 کان 20 منٽ آهن، هي پوري پلاننگ سان گذارڻ گهرجن. اسان وٽ ٿيندو ڇا آهي؟ مسجد ۾ وضو خاني تي پهچي ڪري موبائل کيسي ۾ رکيوسين، جلدي جلدي وضو ڪيوسين، وضو جو پاڻي مسجد جي فرش تي ٽِمائيندي پوءِ جيئن تيئن نماز پڙهي، مسجد مان نڪتاسون ته موبائل ٻيهر هٿ ۾...!! گهمندي ڦرندي هٿ لوڏيندي مختلف سوچن ۾ گُم يا ڪو دوست گڏ آهي ته ان سان گفتگو ڪندي واپس موٽي آيا.

   ايئن نه ڪيو. نماز پوري اهتمام (Pre-arrangement) سان پڙهو. هي 15 کان 20 منٽ يا اڌ ڪلاڪ اسان نماز جي لاءِ ڪڍي رهيا آهيون، هي به اسان جي زندگي جو حصو (Part of life) آهي بلڪه ڏٺو وڃي ته هي زندگي جو سڀ کان قيمتي حصو آهي جو هن وقت ۾ اسان پنهنجي الله پاڪ جي حضور حاضر ٿي رهيا آهيون، ان ڪري هن وقت کي پوري فڪر مندي سان گذارڻ گهرجي. ڪيئن گذارڻو آهي؟

نماز اهتمام سان پڙهڻ جو طريقو

    جڏهن گهر يا دڪان کان هلو، ان وقت چڱيون چڱيون نيّتون (Intentions) ڪيو! مثال طور رستي ۾ ذڪر ۽ درود پڙهندو ويندُس، مسلمانن کي سلام ڪندُس، نظرون جهڪائي ڪري، هلڻ جي سنّت جو لحاظ ڪندي هلندُس وغيره