Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

وقت کان هڪ ٻه منٽ پهريان سنّتن وغيره کان فارغ ٿي وڃو، هن هڪ اڌ منٽ ۾ اک بند ڪري ڪجھ دير غور ۽ فڪر ڪيو! اصل (Different Activities) ۾ اسان مختلف ڪمن ۾ مصروف هوندا آهيون، ايئن ئي اٿي ڪري نماز جي لاءِ هليا وياسين، رستي ۾ گفتگو ڪندي، مختلف شين کي ڏسندي مسجد ۾ آياسين، هي سڀ ڪجھ اسان جي ذهن (Mind) ۾ هوندو آهي، اسان ايندي ئي نماز شروع ڪري ڇڏيندا آهيون ته اهو سڀ ڪجھ اسان جي ذهن ۾ هلي رهيو هوندو آهي، انهن سوچن کي دماغ کان هٽائڻ گهرجي، لهٰذا هڪ اڌ منٽ ويهي ڪري اک بند ڪري قبر ۽ آخرت جو، حشر، پُلصراط، ميزان وغيره جو تصور ڪيو! هاڻي جماعت جو وقت ٿي ويو، نمازِ باجماعت جي سعادت حاصل ڪيو. نماز کان فارغ ٿي ڪري فوراً اٿي ڪري هليا نه وڃو، بلڪه ڪجھ دير مسجد ۾ ويهو.

هر نماز کان بعد 4 ڪم ڪيو!

امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هر نماز کان بعد 4 ڪمَ ڪرڻ گهرجن: (1): تلاوت ڪيو (2): ذڪر اذڪار ڪيو (3): غور ۽ فڪر ڪيو (4): دعا گهرو.

(احیاء العلوم،کتاب:ترتیب الاوراد ،باب:الاول فی فضیلۃ الاوراد ،جلد:1،صفحہ:447۔)

  ذهن ۾ اچي رهيو هوندو ته هي چار ڪم ڪندي ته ڪافي وقت لڳي ويندو. جي ها! جيڪڏهن توهان وٽ واندڪائي آهي ته وقت لڳايو ۽ جيڪڏهن وقت گهٽ آهي تڏهن به ڪا مشڪل ناهي، هي چار ڪم 5 منٽن ۾ به ڪري سگهجن ٿا، مثال طور صرف 3 آيتن جي تلاوت ڪيو، هن طرح ڪرڻ ۾ شايد هڪ منٽ لڳندو، مختصر وظيفو پڙهي وٺو، تسبيحِ فاطمه پڙهي وٺو يا جيڪي به توهان جي پير صاحب جي طرف کان عطا ڪيل اوراد ۽ وظائف آهن، هڪ کان ڏيڍ منٽ ۾ اهي پڙهي وٺو، پوءِ صرف هڪ منٽ جي لاءِ اک بند ڪري قبر ۽ آخرت،