Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

عبدُ الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه جڏهن ماڻهن وٽ ويهندا هئا ته فرمائيندا هئا: اي انسانو! رات ڏينهن گذرڻ سان گڏوگڏ توهان جون عمرون به گهٽ (Minus) ٿينديون پيون وڃن. توهان جا اعمال محفوظ ڪيا پيا وڃن. موت اوچتو ايندو ته جيڪو نيڪي جو فصل پوکيندو جلدئي ان کي شوق سان لُڻندو ۽ جيڪو بُرائي جو فصل پوکيندو ان کي ندامت سان لُڻڻو پوندو. هر هڪ پنهنجو پوکيل فصل ئي لُڻندو.  موسوعہ ابن ابی الدنیا،کتاب:کلام اللیالی و الایام،جلد:8،صفحہ:332۔

ڏينهن 3 آهن

   حضرت سُفيان بن عُيَيۡنه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ڏينهن 3 آهن: (1): هڪ اهو جيڪو گذري ويو، اهو توهان کي حڪمت (Wisdom) ۽ ادب سيکارڻ وارو آهي، (اهو ڏينهن گذري چڪو، هاڻي) ان ۾ توهان جي لاءِ صرف نصيحت ۽ عبرت باقي آهي (2): ٻيو اڄوڪو ڏينهن آهي، هي توهان وٽ مهمان (Guest) آهي، جلدئي هليو ويندو، پوءِ وري ڪڏهن موٽي نه ايندو (3): ٽيون ڏينهن اچڻ وارو صبح (Coming Day) آهي، توهان نه ٿا ڄاڻو ته صبح ڪير ڏسندو.

موسوعہ ابن ابی الدنیا،کتاب:کلام اللیالی و الایام،جلد:8،صفحہ:334۔

هر ڏينهن هي صدا لڳائيندو آهي...!!

   امام ابنِ ابي الدُّنيا رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: هر ڏينهن هي صدا لڳائيندو آهي: (اي انسانو!) مان دنيا آهيان ۽ مان توهان تي گواھ آهيان، اي ابنِ آدم! مان ٻيهر موٽي ڪري نه ايندُس. تنهنڪري اڄ نيڪ اعمال ڪري وٺو...!! اهڙيءَ طرح ايندڙ رات هي چوندي آهي: اي ابنِ آدم! اڄ رات نيڪ اعمال ڪري وٺو! مان ٻيهر موٽي ڪري نه اينديس.

 موسوعہ ابن ابی الدنیا،کتاب:کلام اللیالی و الایام،جلد:8،صفحہ:333، ملتقطاً۔