Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

قاعدي جي جنهن اکر يا جنهن لفظ تي ڪلڪ (Click) ڪندؤ، آڊيو (Audio)  ۾ ان جو تَلَفُّظ هلندو، ايئن هن ايپليڪيشن جي مدد سان آسانيءَ سان مدني قاعدو پڙهي ڪري، ان جي مشق (Practice) ڪري درست مخارج ۽ ضروري تجويد سکي وڃي سگهجي ٿي. هي ايپليڪيشن پنهنجي اسمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري وٺندا، پاڻ به فائدو حاصل ڪندا ۽ ٻن کي به ترغيب ڏياريندا.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪرڻ سنّت آهي

   2 فرامينِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): منهنجي امّت جي افضل عبادت تلاوتِ قرآنِ آهي. (شُعَبُ الْاِیْمان، باب:تعظیم قرآن، جلد:2، صفحہ:347، حدیث:2004 ) (2): جيڪو رات جو 200 آيتون تلاوت ڪري، ان جو نالو عبادت گذارن ۾ لکيو ويندو ۽ جيڪو 400 آيتن جي تلاوت ڪري، ان جي لاءِ هڪ قِنطار اجر لکيو ويندو، هڪ قِنطار 120 قيراط جي برابر آهي ۽ هڪ قيراط اُحد پهاڙ جيڏو آهي.  شُعَبُ الاِیْمَان، جلد:2، صفحہ:401، حدیث:2197۔

اي عاشقانِ رسول! قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪرڻ سنّت آهي. اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪثرت سان قرآنِ پاڪ جي تلاوت فرمائيندا هئا حضرت عائشه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: ڪا شيءِ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي تلاوت کان نه روڪيندي هئي پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رات جي نماز ۾ ڪڏهن ڪڏهن پوري سورة بقره ۽ سورة آلِ عمران جي تلاوت فرمائيندا هئا روزانو رات جو سورة سجده، سورة مُلڪ، سورة بني اسرائيل، سورة زُمر، سورة ڪافرون، سورة فلق ۽ سورة الناس جي تلاوت ڪري سمهندا هئا.