Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

( مناقِب الامام اعظم للکردری،صفحہ:230 تا 231 بتغیر قلیل ۔)

حضرتِ ابنِ ابي مُعاذ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي روايت آهي، حضرت مِسۡعَر بِن ڪِدام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نهايت خوش نصيب (Fortunate) هئا جو انهن جي وفات امامِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي مسجد ۾ سجدي جي حالت ۾ ٿئي. (مناقِب الامام اعظم للکردری ،صفحہ:231 )

جو بے مثال آپ کا ہے تقویٰ، تو بے مثال آپ کا ہے فتویٰ

ہیں علم و تقویٰ کے آپ سنگم، امامِ اعظم ابو حنیفہ

حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها جي ڏينهن رات جو شيڊيول

   مروي آهي ته حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهَا جو معمول هو ته جڏهن رات ٿيندي هئي ۽ سڀئي ماڻهو سمهي پوندا هئا ته پاڻ کي مخاطب ٿي چوندي هئي، اي رابعه (ٿي سگھي ٿو ته) اها تنهنجي زندگي جي آخري رات هجي، ٿي سگھي ٿو ته توکي سڀاڻي جو سج ڏسڻ نصيب نه ٿئي، اٿ ۽ پنهنجي ربِّ ڪريم جي عبادت ڪري وٺ ته جيئن سڀاڻي قيامت ۾ توکي ندامت (يعني شرمندگي) کي منهن نه ڏيڻو پوي، همت ڪر، سمھجانءِ نه، جاڳي پنهنجي رب جي عبادت ڪر، اهو چوڻ کان پوءِ پاڻ بيهنديون هيون ۽ صبح تائين نفل ادا ڪنديون رهنديون هيون۔ جڏهن فجر جي نماز ادا ڪنديون هيون ته پاڻ کي ٻيهر مخاطب ڪري چونديون هيون، اي منهنجا نفس! تو کي مبارڪ هجي جو گذريل رات تو وڏي مشقت برداشت ڪئي، پر ياد رک! اهو ڏينهن تنهنجي زندگي جو آخري ڏينهن ٿي سگھي ٿو۔ اهو چئي وري عبادت ۾ مشغول ٿي وينديون هيون ۽ جڏهن ننڊ جو غلبو ٿيندو هو بيهي ڪري گھر ۾ هلڻ شروع ڪنديون هيون ۽ گڏوگڏ پاڻ کي اهو چونديون هيون: رابعه! اها به ڪا ننڊ آهي، ان جو ڪهڙو لطف؟ ان کي ڇڏي ڏي ۽ قبر ۾ مزي سان ڊگھي مدت جي لاءِ سمهي رهجان، اڄ ته توکي گھڻي ننڊ نه آئي پر ايندڙ رات ۾ ننڊ خوب ايندي، همت ڪر ۽ پنهنجي ربِّ