Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

جي مطابق پنهنجو جدول (Schedule) بڻائين، باقي! اسان پنهنجي دنياوي مصروفيات سان گڏوگڏ وڌ کان وڌ آخرت جي تياري ڪيئن ڪري سگهنداسين؟ ان بابت ڪجھ مدني گُلَ (Madani Pearls) اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪجن ٿا:

(1): نمازِ باجماعت جو اهتمام ڪيو!

   پهريون مدني گُل هي آهي  ته پنج ئي نمازون مسجد ۾ باجماعت ادا ڪرڻ جو معمول (Routine) بڻايو! نماز پهريون فرض آهي، اعلٰي حضرت امامِ اهلِ سنّت، شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: نماز اوّل شريعت آهي. )فتاویٰ رضویہ،جلد:5،صفحہ:83ملتقطاً (يعني پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي جڏهن پهرين وحي نازل ٿي، ان کان بعد سڀ کان پهريان فرض عبادت جنهن جو حڪم ڏنو ويو، اها نماز آهي.

حديث پاڪ ۾ آهي: پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: نماز دين جو ٿنڀ (Pillar) آهي جنهن ان کي ڇڏيو ان جو ڪو دين ناهي.

(شعب الایمان، باب فی الصلوات، جلد:3، صفحہ:39، حدیث:2807بتغیر)

الله پاڪ اسان کي نمازون قضا ڪرڻ جي گناھ کان محفوظ فرمائي.

میں پانچوں نَمازیں پڑھوں باجماعت                    ہو توفیق ایسی عطا یاالٰہی!

میں پڑھتا رہوں سنتیں، وقْت ہی پر            ہوں  سارے  نوافِل  ادا  یاالٰہی!

(وسائلِ بخشش،صفحہ:102۔)

   اي عاشقانِ رسول! پنهنجي روزانو جي معمول (Routine) ۾ پنج وقت نمازِ باجماعت کي اوّلين درجو ڏيو! سڀ کان پهريان نماز، پوءِ ٻيا ڪمَ. هي ڪندؤ ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دنيا به سنورجي ويندي. آخرت به بهتر (Better) ٿي ويندي.