Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

مذاق ڪندا رهيا، اسان کي ان کان به شرم نه آيو، افسوس! اسان جون راتيون غفلت ۾ گذرنديون رهيون، تارا چمڪيا ۽ ڄڻ اسان کي درس ڏيندا رهيا ته ڏسو! رات صرف سمهڻ جي لاءِ ناهي، الله پاڪ جي ياد ۾ گذارڻ جي لاءِ آهي.

ڏينهن رات الله پاڪ جو  فضل تلاش ڪيو!

   اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ هي ڏينهن رات ان ڪري ناهن بڻايا جو اسان سڄي رات بَس غافل (Heedless) ٿي سُتل رهون ۽ ڏينهن جي وقت بس دنيا جي ئي فڪر ۾ لڳل رهون، هي ڏينهن ۽ رات، اسان جا هي ساھَ، الله پاڪ جون ڏنل اربين کربين نعمتون، هي زندگي، الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ، ذڪر ۽ فڪر ۾ مصروف رهڻ ۽ موت کان بعد واري هميشه واري زندگي جي تياري (Preparation) ڪرڻ جي لاءِ آهي. الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ فرمائي ٿو:

وَ جَعَلۡنَا الَّیۡلَ وَ النَّہَارَ اٰیَتَیۡنِ فَمَحَوۡنَاۤ اٰیَۃَ الَّیۡلِ وَ جَعَلۡنَاۤ  اٰیَۃَ النَّہَارِ مُبۡصِرَۃً  لِّتَبۡتَغُوۡا فَضۡلًا مِّنۡ رَّبِّکُمۡ

(سيپارو: 15، سورة بني اسرائيل: آيت: 12)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ اسان رات ۽ ڏينهن کي ٻه نشانيون ٺاهيون پوءِ اسان رات جي نشاني مِٽايل ۽ ڏينهن جي نشاني ڏيکاريندڙ بڻائي ته جيئن توهان پنهنجي ربّ جي ڀلائي تلاش ڪيو.

هن آيت مان معلوم ٿيو: رات ۽ ڏينهن الله پاڪ جون ٻه نشانيون آهن: الله پاڪ رات جي نشاني کي اونداهي بڻايو جو ان ۾ هر شيءِ لِڪي ويندي آهي ۽ ڏينهن کي خوب روشن بڻايو، ڇو بڻايو؟ ان ڪري ته جيئن توهان پنهنجي ربَّ جو فضل تلاش ڪيو! حجةُ الاسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هن آيتِ ڪريمه ۾ جنهن فضل جي تلاش جو حڪم آهي اهو