Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

هنن ڪمن جي به عادت بڻايو!

    پيارا اسلامي ڀائرو! پنهنجي ڏينهن رات جي ڪمن ۾ مدني چينل ڏسڻ پڻ شامل ڪيو! گهڻو نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ 12 منٽ جو شيڊيول ته لازمي بڻايو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! مدني چينل ڏسڻ سان کوڙ برڪتون ملنديون مثال طور ديني معلومات ۾ اضافو ٿيندو نماز، روزو، وضو، غُسل ۽ ٻيا فقهي مسائل سکڻ جي سعادت نصيب ٿيندي عمل جو جذبو نصيب ٿيندو تلاوت، حمد، مناجات، نعت ۽ منقبتون ٻڌڻ جي سعادت ملندي اهڙيءَ طرح نيڪي جي دعوت ڏيڻ، بُرائي کان منع ڪرڻ به هر مسلمان جي بنيادي ذميدارين مان آهي، لهذا نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ به وقت ڪڍو، ڪوشش ڪري روزانو گهٽ ۾ گهٽ 2 ڪلاڪ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ڪمن ۾ ڏيڻ جو معمول بڻايو!

 پيارا اسلامي ڀائرو! هي ڏينهن رات گذارڻ جو آسان شيڊيول عرض ڪيو ويو، ان جي مطابق اسان دنياوي مصروفيات کي نڀائيندي نهايت آساني سان نيڪين واري زندگي گذارڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهون ٿا. الله پاڪ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.  اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن صَلَّى  اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ نيڪيون ڪندي سُٺي انداز ۾ رات ڏينهن گذارڻ جو هڪ بهترين نسخو عطا فرمايو آهي، جنهن جو نالو آهي: نيڪ اعمال. اسلامي