Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

   اذانِ فجر جو جواب ڏيو! بهتر هي آهي ته فجر جون سنّتون گهر ۾ ئي ادا ڪيو، نه ته مسجد جي طرف تشريف کڻي وڃو! مسجد ۾ ويندي ثواب جي نيّت سان مسلمان ڀائرن کي نماز جي لاءِ جاڳائيندا وڃو نمازِ فجر باجماعت ادا ڪيو الله پاڪ توفيق عطا فرمائي ته تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جي حلقي ۾ شرڪت ڪيو پوءِ اوراد و وظائف پڙهي وٺو پنهنجي پير صاحب جو ڏنل شجرو شريف پڙهو، تلاوت ڪيو، ديني ڪتاب (مثال طور فيضان سنّت، فيضانِ نماز، غيبت جون تباھ ڪاريون وغيره) پڙهي وٺو، مطلب ته: اشراق ۽ چاشت جي وقت تائين ذڪر ۽ فڪر نيڪ ڪمن ۾ ئي مصروف رهو ايستائين جو نمازِ اشراق جو وقت ٿي وڃي ته اشراق، چاشت جا نوافل پڙهي ڪري ئي گهر اچو. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ڏينهن جي شروعاتي وقت ۾ نيڪين جو انبار لڳي ويندو.

اشراق ۽ چاشت

(1): سرورِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن نمازِ اشراق جي فضيلت بيان ڪندي فرمائن ٿا: جيڪو فجر جي نماز باجماعت ادا ڪري ذڪرُ الله ڪندو رهي ايستائين جو سج  نڪري وڃي پوءِ 2 رڪعتون پڙهي ته ان کي پوري حج ۽ عمري جو ثواب ملندو. ترمذی ، ابواب: السفر،…الخ ،صفحہ: 171، حدیث :586۔ (2): ابو دائود شريف جي روايت ۾ آهي: جيڪو شخص نمازِ فجر کان فارغ ٿيڻ کان بعد پنهنجي مصلي تي (يعني جتي نماز پڙهي اتي ئي) ويٺو رهي ايستائين جو اشراق جا نفل پڙهي وٺي صرف ڀلائي جي ڳالھ ڪري ته ان جا گناھ بخشيا ويندا جيتوڻيڪ سمنڊ جي جهڳ کان به وڌيڪ هجن. ابوداود ، کتاب: الصلاة ، باب صلاة:الضحی ، صفحہ:211 ، حديث :1287۔ (3): هڪ حديث شريف ۾ فرمايو: جنهن چاشت جون 12 رڪعتون پڙهيون، الله پاڪ ان جي لاءِ جنّت ۾ سون جو مَحلُ بڻائيندو. ترمذی،کتاب :الوتر،باب :ماجاء فی صلاۃ الضحی،صفحہ:141،حدیث:473۔