Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

هي پڙهڻ کان بعد هڪ آخري ساھُ کنيائون ۽ دنيا مان رخصت ٿي ويا.

 موسوعہ ابن ابی الدنیا،کتاب:کلام اللیالی و الایام،جلد:8،صفحہ:337 ۔

عقلمند ڪير...؟

    پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: يعني عقلمند اهو آهي جيڪو پنهنجو مُحاسبو ڪري (يعني پنهنجي اعمال جو جائزو وٺندو ڪري) ۽ موت کان بعد (واري زندگي) جي لاءِ عمل ڪري.   ترمذی،ابواب صفۃ القیامۃ و الرقائق و الورع،  صفحہ:583 ،حدیث:2459۔

ڏينهن رات جو  شيڊيول ڪيئن بڻايون...؟

   پيارا اسلامي ڀائرو! هي حقيقت (Reality) آهي، اسان جو هڪ هڪ ساھ قيمتي آهي، هڪ هڪ گهڙي (Precious) انمول آهي، عقلمند اهو ئي آهي جيڪو ڏينهن ۽ رات نهايت احتياط (Caution) سان، سوچي سمجهي ڪري نيڪيون ڪندي گذاري. الله پاڪ اسان کي آخرت جو فڪر نصيب فرمائي. اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي ڏينهن رات جو جدول (Schedule) بڻايون، جنهن ۾ دنيا جا جائز ۽ ضروري ڪمَ به هجن ۽ ان سان گڏوگڏ ڏينهن ۽ رات جو هڪ وڏو حصو آخرت جي لاءِ، نيڪ ڪمن جي لاءِ به رکون. اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن ٿا: ڪوشش ڪيو ته صبح اٿڻ کان بعد کان وٺي ڪري رات سمهڻ تائين سمورن ڪمن جا وقتَ مُقرر (Fix) هجن مثلاً: هيتري وڳي تهجد، علمي مصروفيت، مسجد ۾ تڪبيرِ اولٰي سان باجماعت نمازِ فجر (اهڙيءَ طرح ٻيون نمازون به) اشراق، چاشت، ناشتو، رزق ڪمائڻ، ٻِپَهري جو کاڌو(Lunch)، گهريلو معاملا (Domestic Affairs)، شام جي مصروفيت، چڱي صحبت، (جيڪڏهن اها مُيسر