Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

روزانو هي 4 ڪمَ به ڪيو!

حُجةُ الاسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اسلافِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم هر روز 4 ڪم جمع ڪرڻ کي مستحب ڄاڻيندا هئا: (1): روزو رکڻ (2): صدقو ڏيڻ توڙي جو ٿورو ئي هجي (3): مريض جي عيادت ڪرڻ (4): جنازي ۾ حاضر ٿيڻ. هنن چئن ڪمن جي باري ۾ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: :مَنْ جَمَعَ بَیْنَ ہٰذِہٖ الْاَرْبَعِ فِیْ یَوْمٍ غُفِرَ لَہٗ يعني جنهن هن 4 ڪمن کي هڪ ڏينهن ۾ گڏ ڪيو ته ان جي مغفرت ڪئي ويندي. احیاء العلوم،کتاب:ترتیب الاوراد ،باب:الاول، جلد:1،صفحہ:460۔ هڪ روايت آهي ته جنّت ۾ داخل ٿيندو.

مسلم، کتاب :الزکاۃ، باب :من جمع الصدقۃ…الخ،صفحہ:369،حدیث:1028 ۔

جيڪڏهن انهن مان ڪجھ  شين جي ڪرڻ جو موقعو ملي ۽ ڪجھ کان عاجر اچي وڃي (جو ڪنهن سبب نه ڪري سگهي) ته ان کي ان جي نيّت جي اعتبار سان تمام عملن جو ثواب ملندو.

نيڪ ماڻهن جو پسنديده عمل

   الله پاڪ جا نيڪ ٻانها هي ناپسند ڪندا هئا جو ڪو ڏينهن اهڙو گذري جنهن ۾ انهن صدقو نه ڪيو هجي چاهي هڪ کُجور يا بصر يا مانيءَ جو هڪ ٽڪرو ڇو نه هجي ڇوته رحمتِ عالَم نورِ مُجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: كُلُّ امْرِئٍ فِي ظِلِّ صَدَقَتِهِ حَتَّى يُفْصَلَ بَيْنَ النَّاس يعني (قيامت جي ڏينهن) ٻانهو پنهنجي صدقي جي ڇانوَ ۾ هوندو ايستائين جو ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي. مستدرک، کتاب الزکاۃ، کل امریٔ فی ظل صدقۃ ،جلد:2،صفحہ:43،حدیث:1557۔ هڪ روايت ۾ آهي: پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: فَاتَّقُوْا النَّارَ وَلَوْ بِشِقِّ تَمْرَۃٍ يعني (جهنّم جي) باھ کان بچو جيتوڻيڪ کُجور جي هڪ ٽڪري جي ذريعي.  (مسلم، کتاب :الزکاۃ، باب: الحث علی الصدقۃ ، صفحہ:365،حدیث:1016)