Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

جنهن جي ويڪر (Width) زمين آسمان جي برابر هوندي.  (فتاویٰ رضویہ،جلد:5،صفحہ:52 تا 54 )

باجماعت فرض نماز هڪ نظر ۾

   فرض نماز جماعت سان ادا ڪرڻ ۾ الله پاڪ ۽ رسولِ ڪريم جي حڪم تي عمل آهي ايمان وارو هجڻ جي گواهي (Testament) آهي الله پاڪ باجماعت نماز پڙهڻ وارن کي محبوب (يعني پيارو) رکندو آهي نمازِ باجماعت (Congregational Prayer) اڪيلو پڙهڻ کان 27 درجا افضل آهي الله پاڪ ۽ ان جا ملائڪ باجماعت نماز پڙهڻ وارن تي درود موڪليندا آهن باجماعت عشاء جي نماز پڙهڻ ڄڻ آڌي رات قيام (يعني عبادت) ڪرڻ آهي فجر جي نماز باجماعت پڙهڻ ڄڻ سڄي رات قِيام (يعني عبادت) ڪرڻ آهي. باجماعت نماز پڙهڻ وارو پُلصراط تان سڀ کان پهريان بجلي جيان گذرندو باجماعت نماز ادا ڪرڻ وارن جو شان ۽ شوڪت ڏسي ڪري محشر وارا رِيسَ ڪندا ان جا گناھ بخشيا ويندا مسجد ۾ اچڻ واري کي هر قدم جي بدلي ثواب ملندو هر قدم تي هڪ درجو بلند ٿيندو آهي ۽ هڪ گناھ مٽايو ويندو آهي الله ڪريم ان جي لاءِ صبح ۽ شام جنّت ۾ مهماني جو اهتمام فرمائيندو نماز جي لاءِ کنيو ويندڙ هر قدم صدقو آهي جيسيتائين ٻانهو نماز جو انتطار ڪندو رهندو، ڀلائي تي رهندو، الله پاڪ جي حفاظت ۾ رهندو ۽ شيطان کان محفوظ (Protected) رهندو قيامت جي ڏينهن عرش جي ڇانوَ نصيب ٿيندي. جهنّم، منافقت (Duplicity) ۽ غفلت کان نجات (Salvation) نصيب ٿيندي. پاڻ ۾ محبت وڌندي باجماعت نماز جي تڪبيرِ اولٰي ماڻڻ 100 ڏاچيون حاصل ڪرڻ کان بهتر آهي.   فیضانِ نماز،صفحہ:139۔