Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

ڏينهن ۽ رات فنا جو پيغام ڏيندا آهن

اي عاشقانِ رسول! ڏينهن رات جو ايئن اچڻ وڃڻ اسان کي فنا جو پيغام (Extinction) به ڏئي رهيو آهي، هر روز سج لهڻ جي لاءِ نڪرندو آهي، هر رات تارا لِڪي وڃڻ جي لاءِ طلوع ٿيندا آهن. هاءِ! جلدئي اهو وقت اچڻ وارو آهي، جڏهن سج ته نڪرندو پر اسان ان سج کي ڏسڻ جي لاءِ دنيا ۾ موجود نه هونداسين، رات ته ايندي پر ان رات اسان جي لاءِ نرم بسترو (Soft Bed) نه وڇايو ويندو، هاءِ! قبر ۾ مٽيءَ تي سُتل هونداسين.

غافِل تجھے گھڑیال یہ دیتا ہے منادی                    قدرت نے گھڑی عمر کی اک اور گھٹا دی

وضاحت: اي پنهنجي انجام ۽ موت کان غافل انسان! ٿورو غور سان ٻڌ هي گهڙيءَ مان اچڻ وارو ٽِڪ ٽِڪ جو آواز اعلان ڪري رهيو آهي: تنهنجي عمر جو سيڪنڊ گهٽ ٿي ويو، هاڻي پورو منٽ گذري ويو، هاڻي پورو ڪلاڪ گهٽ ٿي ويو.

عنقريب تون قبر ۾ لهي ويندي

صحابيءِ رسول حضرت ابو درداء رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: اي ابنِ آدم زمين کي پنهنجي پيرن سان لتاڙ! عنقريب تون ان جي اندر لهي ويندي. اي ابنِ آدم تنهنجي زندگي ڇا آهي؟ اهو ئي ڏينهن جو ميڙ ته آهي. جڏهن هڪ ڏينهن گذري ويندو آهي، تنهنجي زندگي جو هڪ حصو گهٽ ٿي ويندو آهي، بيشڪ جڏهن کان تون پيدا ٿيو آهين تنهنجي زندگي لاڳيتو گهٽ ٿيندي پئي وڃي.

موسوعہ ابن ابی الدنیا،کتاب:کلام اللیالی و الایام،جلد:8،صفحہ:336۔

مومن جي نصيحت

   حضرت عبدُ الله بن سُمَيۡط رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مون پنهنجي والدِ محترم کي