Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

ڪفن چور جي بخشش ڪيئن ٿي؟

 هڪ ڏينهن خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه درس ڏيندي فرمايو: الله پاڪ سان محبت ڪرڻ وارن جو طريقو آهي ته صبح (يعني فجر) جي نماز ادا ڪري سج اڀرڻ تائين اتي ئي نماز پڙهڻ واري جڳھ تي ويٺا رهندا آهن، انهن جو مقصد هي هوندو آهي ته الله پاڪ جي بارگاھ ۾ مقبول ٿي وڃون ۽ انهن تي هر وقت نور جي تجلي رهي، اهڙو شخص جڏهن صبح جي نماز ادا ڪري نماز پڙهڻ واري جڳھ تي ويٺو رهندو آهي ته فرشتي کي حڪم ٿيندو آهي ته جيستائين هي نه اٿي، ان وقت تائين ان وٽ وڃي ڪري ان جي بخشش گُهر.

   پوءِ خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان بابت هڪ واقعو بيان ڪندي فرمايو: هڪ ڪفن چور 40 سالن تائين ڪفن چوري ڪندو رهيو، آخر جڏهن مُئو ته ڪنهن ان کي خواب ۾ ڏٺو ته جنّت ۾ گهمي رهيو آهي، خواب ڏسڻ واري ان جو سبب پڇيو ته چيائين: منهنجي هڪ عادت هئي ته جڏهن مان صبح جي نماز ادا ڪري وٺندو هيس ته سج اڀرڻ تائين الله پاڪ جي ياد ۾ مشغول (Busy) رهندو هيس، پوءِ اشراق جي نماز ادا ڪندو هيس، الله پاڪ ڇو ته نهايت بخشڻ وارو آهي، جيئن ته الله پاڪ منهنجي ان هڪ عمل کي قبول فرمايو ۽ مون کي بخشي ڇڏيو. دلیل العارفین، صفحہ:8۔

میں پڑھتا رہوں سنتیں وقت ہی پر             ہوں  سارے  نوافِل  ادا  یااِلٰہی!

وسائِلِ بخشش، صفحہ:102۔

   اي عاشقانِ رسول! خواجه غريب نواز ڪهڙي پياري انداز ۾، حديثون ٻڌائي ڪري، واقعا ٻڌائي ڪري سنّتون ۽ آداب سيکاريندا هئا. الله پاڪ اسان کي خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ارشادات تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.