Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

ڪريم کي راضي ڪري وٺ۔ اهڙي طرح ڪندي پاڻ پنجاھ سال گذاري ڇڏيا، پاڻ نه ڪڏهن بستر تي ستيون ۽ نه ئي ڪڏهن وهاڻو (Pillow) مٿي تي رکيو ايستائين جو پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهَا  انتقال ڪري ويون۔ (حڪايات الصالحين،ص ۳۹)

الله اکبر! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! هي الله پاڪ جا نيڪ ٻانها ڪيتري خوبصورت انداز ۾ ۽ ڪهڙي زبردست استقامت (Determination) سان پنهنجا ڏينهن رات گذاريندا هئا. هاءِ افسوس! هڪ اسان آهيون جو رات غفلت (Carelessness)  ۾ سمهندي ۽ ڏينهن فاني دنيا (Mortal World) جي ڪمن ۾ گذري ويندو آهي، نه قبر ۽ آخرت جو ڪو فڪر، نه الله پاڪ کي راضي ڪرڻ وارا ڪي ڪمَ...!! بَس:

لگا تکیہ گناہوں کا پڑا دِن رات سوتا ہوں

 سيّدي اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اسان گنھگارن جي هيڻي حال جو نقشو ڇڪيندي فرمائن ٿا:

دِن بھر کھیلوں میں خاک اُڑائی                             لاج آئی نہ ذَرَّوں کی ہنسی سے

شب بھر سونے ہی سے غَرَض تھی            تاروں  نے  ہزار  دانت  پیسے

(حدائقِ بخشش،صفحہ:145)

وضاحت: ذَرَّوں کی ہنسی: مطلب ذرن جو مذاق ڪرڻ، اُسَ ۾ واريءَ جا ذرا چمڪندا آهن، اعلٰي حضرت فرمائي رهيا آهن: هي ذرا ڄڻ اسان جي حالت تي کِلي رهيا آهن، ايئن ئي: تاروں نے  دانت  پیسے : مطلب، تارا ڪاوڙ ۽ ناراضگي جو اظهار ڪندا رهيا. مطلب هي ته هاءِ! اسان ڏينهن راندروند ۽ فضول ڪمن (Useless Activities) ۾ گذاري ڇڏيا، واريءَ جا ننڍڙا ننڍرا ذرا اسان جي هيڻي حال تي کِلندا رهيا،