Din Raat Kesay Guzarain

Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

فرمائيندي ٻڌو: مومن ٻانهو پاڻ کي هيئن سمجهائيندو آهي: اي نفس! هي دنياوي ۽ فاني زندگي (Mortal Life) صرف 3 ڏينهن ئي ته آهي، هڪ ڏينهن گذري ويو، ٻيو اهو جيڪو گذري رهيو آهي، سمجهي ڇڏ ته بس هي به گذري ويو ۽ ٽيون ڏينهن اچڻ وارو صبح آهي ۽ اهو ته هڪ خالي اميد (Hollow Hope) آهي جنهن کي شايد تون نه ماڻي سگهين، مثال طور جيڪڏهن تون سڀاڻي تائين زندھ رهين ته سڀاڻي جو ڏينهن تنهنجو رزق (Sustenance) ۽ خبر ناهي ته ڪيترن ماڻهن جي لاءِ موت (Death) جو پيغام گڏ کڻي ايندو، ٿي سگهي ٿو ته تون به انهن ۾ شامل هجين جن کي موت جو پيغام ملڻ وارو آهي، پوءِ جيڪڏهن وڌيڪ زندگي ملي ته  تنهنجي ڪمزور هيڻي دل تي غربت (Poverty)، بيماري ۽ آفتن (Calamities) جو غم مُسلط رهندو، جڏهن توکي ايترا دنياوي غمَ هوندا ته تنهنجي دل آخرت جي فڪر جي طرف ڪيئن متوجھ ٿيندي؟ ياد رک! هر گذرندڙ ڏينهن تنهنجي عمر کي گهٽائي رهيو آهي، پر توکي ڪا پرواھ ناهي، اهو شخص آخرت جي لاءِ ڪهڙي تياري ڪندو جنهن جون دنياوي خواهشون ئي پوريون نه ٿيون ٿين؟ ڪيڏو نادان آهي ۽ عجيب آهي اهو مسلمان جنهن کي يقين آهي ته هي دنيا فاني آهي، آخرت (Hereafter) باقي رهڻ واري آهي، پوءِ به باقي رهڻ واري زندگي کي ڇڏي ڪري فاني زندگي کي بهتر کان بهتر بڻائڻ جي غم ۾ پريشان آهي. عیون الحکایات،صفحہ:364  ملخصًا۔

آخرت کی فِکْر کرنی ہے ضرور                               زِندگی اک دِن گزرنی ہے ضرور

جیسی کرنی ویسی بھرنی ہے ضرور                         قبر میں میت اترنی ہے ضرور

ایک دِن مرنا ہے آخر موت ہے                         کر لے جو کرنا ہے آخر موت ہے

  پيارا اسلامي ڀائرو! ڳالھ واقعي سچي آهي، اسان کي دنياوي فڪرن ايئن