Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

هيڏانهن اهي ماڻهو جن کي قرض ڏيڻو هو، اهي مون کي تنگ ڪري رهيا هئا هڪ ڏينهن مان درودِ پاڪ پڙهي دعا جي لاءِ ويٺس، جيئن ئي بارگاههِ الٰهي ۾ هٿ کنيا، پريشاني جي سبب مون تي رقت طاري ٿي وئي، مون روئي روئي الله پاڪ جي بارگاهه ۾ دعا گهري.

الحمد لله!درودِ پاڪ جي برڪت هيئن ظاهر ٿي جو هڪ ڏينهن مون ايمان تازو ڪندڙ خواب ڏٺو، ڇا ٿو ڏسان ته مان ڪاٿي وڃي رهيو آهيان ۽ هڪ شخص سايي وانگر مون سان گڏ پيو هلي، هلندي هلندي مان هڪ جاءِ تي پهتس، تمام کليل ۽ هوادار جاءِ هئي، اتي هڪ نهايت حسين و جميل، نوراني چهري وارو بزرگ ويٺو هو، سامهون قرآنِ پاڪ کليل هو ۽ اهو قرآنِ مجيد جي تلاوت فرمائي رهيو هو. جيئن ئي مان اتي پهتس، ان بزرگ اک مبارڪ کڻي نهايت شفقت وچان هڪ نظر مون کي ڏٺو ۽ وري تلاوت شروع ڪري ڏني.

اهو شخص جيڪو سايي وانگر مون سان گڏ هلي رهيو هو، مون ان کان پڇيو: اهو بزرگ ڪير آهي؟ ان چيو: شاهه صاحب!هي ئي ته اهي حبيبِ خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن جن تي اوهان درود پاڪ پڙهندا رهندا آهيو. ايترو ئي ڪرم ٿيو هو جو منهنجي اک کلي پئي.

بس مالڪ و مختارنبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ان هڪ ئي نظرِ عنايت جي برڪت آهي جو ڏسندي ئي ڏسندي منهنجو تقريبًا ساڍا 5 لک قرض لهي ويو.

مفتي امين صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اهو شاهه صاحب 14 ڏينهن کان بعد وري تشريف کڻي آيو ۽ ٻڌايائون ته الحمد لله!مون کي هاڻي بهترين ملازمت به ملي وئي آهي. ([1])

کیا خُدا داد آپ کی اِمْداد ہے                                                                                                     اِک  نظر  میں  شاد  ہر  ناشاد  ہے([2])


 

 



[1]... البرہان، صفحہ:321 -323 بتغیر قلیل ۔

[2]... ذوقِ نعت،صفحہ:222۔