Din Raat Kesay Guzarain

Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

موت، قيامت جي ڏينهن اٿڻ، بارگاھِ الهي ۾ حاضر ٿيڻ جو تصور ڪيو! آخر ۾ دعا گهري وٺو! ايئن هي چار ئي ڪم (تلاوت، ذڪر اذڪار، غور و فڪر ۽ دعا) هر نماز کان بعد ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو. اسان هن انداز سان نماز پڙهنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! اهڙي نماز اسان جي دل تي اثر (Influence) ڪندي، الله پاڪ چاهيو ته سڪون واري ڪيفيت بڻجندي پر ٿي سگهي ٿو ته جيئن ئي مسجد مان نڪرو، پنهنجن ڪمن ۾ مصروف ٿيو ته هيءَ ڪيفيت ختم ٿي ويندي پر ڪوشش ڪري ڪجھ دير جي لاءِ 5 يا 10 منٽ ان ڪيفيت کي پنهنجي مٿان طاري رکو، اهو ڪيئن؟ نماز کان بعد گهر يا دڪان وغيره ڏي ويندي وقت، ذڪر ۽ درود جاري رکو ڪجھ دير تائين ڪو نعتيه يا دعائيه شعر آهستي آواز ۾ طرز سان پڙهندا رهو (وسائلِ بخشش ۾ اميرِ اهل سنت، دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا نهايت آسان اشعار ملي ويندا، روزانو ڪو هڪ شعر ڏسي وٺو! مثال طور هي شعر)

خدایا! بُرے خاتمے سے بچانا     پڑھوں کلمہ جب نکلے دَم یااِلٰہی!

(وسائلِ بخشش،صفحہ:110۔)

ايئن ئي ڪو نعتيه، دعائيه شعر ڏسو ۽ نماز کان بعد ڪجھ دير تائين آهسته آواز ۾ طرز سان پڙهندا رهو اڳين نماز جو وقت ڏسي وٺو مثال طور ظهر جي نماز پڙهي ڪري آيا آهيو. ته Prayer Time ايپليڪيشن جي ذريعي عصر جو وقت ڏسي وٺو ته ڪڏهن شروع ٿي رهيو آهي، مان عصر جي لاءِ ڪڏهن ويندُس هي ذهن بڻائي وٺو، عصر جي نماز جي لاءِ ويندي ڇا پڙهندو ويندُس، هي سوچي وٺو، ايئن ئي نماز کان بعد به اسان گهڻو نه ته گهٽ ۾ گهٽ 10 منٽ اهڙن ڪمن ۾ مصروف رهنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! نماز واري ڪيفيت دل تي طاري رهندي.