Din Raat Kesay Guzarain

Book Name:Din Raat Kesay Guzarain

سيپارو: 13، سورة رَعۡد ۾ الله پاڪ ارشاد فرمايو:

لَہٗ  مُعَقِّبٰتٌ مِّنۡۢ بَیۡنِ یَدَیۡہِ وَ مِنۡ خَلۡفِہٖ  یَحۡفَظُوۡنَہٗ  مِنۡ اَمۡرِ اللّٰہِ ؕ       (سيپارو: 13، سورة رَعۡد: آيت: 11)

ترجمو ڪنزالعرفان: انسان جي لاءِ ان جي اڳيان ۽ ان جي پٺيان بدلي ٿيندڙ واري واري سان اچڻ وارا ملائڪ آهن جيڪي الله پاڪ حڪم سان ان جي حفاظت ڪندا آهن.

صراطُ الجنان ۾ هن آيتِ ڪريمه جي حوالي سان لکيل آهي: جمهور مفسرين جي ويجهو انهن ملائڪن مان ڏينهن ۽ رات ۾ حفاظت ڪرڻ وارا ملائڪ مُراد آهن، انهن کي مٽائي مَٽائي ڪري واري واري سان اچڻ وارا ان ڪري چيو ويو ته جڏهن رات جا ملائڪ ايندا آهن ته ڏينهن جا ملائڪ هليا ويندا آهن ۽ ڏينهن جا ملائڪ ايندا آهن ته رات جا ملائڪ  هليا ويندا آهن.

)تفسیرِ کبیر،پارہ:13،سورۂ رعد،زیرِ آیت:11،جلد:7،صفحہ:17 (

ملائڪن جي هيءَ تبديلي فجر ۽ عصر نماز جي وقت ٿيندي آهي ۽ جيڪي ماڻهو هي ٻئي نمازون ادا ڪندا آهن انهن کي هي فائدو (Benefit) حاصل ٿيندو آهي ته ملائڪن جي تبديلي جي وقت اهي نماز جي حالت ۾ هوندا آهن، بهرحال حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي: پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: رات ۽ ڏينهن جا ملائڪ توهان وٽ واري واري سان ايندا آهن ۽ نمازِ فجر ۽ نمازِ عصر ۾ گڏ ٿيندا آهن پوءِ جيڪي توهان وٽ آيا هئا اهي مٿي چڙهي ويندا آهن ته انهن جو ربّ انهن کان پڇندو آهي حالانڪه هو انهن کي خوب ڄاڻيندو آهي توهان منهنجي ٻانهن کي ڪهڙي حال ۾ ڇڏيو؟ ملائڪ عرض ڪندا آهن اسان انهن کي اهڙي حال ۾ ڇڏيو جو هُو نماز پڙهي رهيا هئا ۽ جڏهن اسان انهن وٽ ويا هئاسين تڏهن به اهي نماز پڙهي رهيا هئا.بخاری،کتاب :مواقیت الصلاۃ،باب:فضل صلاۃ العصر،صفحہ:205 ،حدیث:555۔(